سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني سان فيمليز سيٽ فري جي چيف ايگزيڪيوٽو جي قيادت ۾ وفد جي ملاقات

اسلام آباد -16 جون (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني پاڪستان ۾ سرن جي بٺن جي صنعت کي جديد رخن تي آڻڻ ۽ ان صنعت ۾ جبري پورهئي جي خاتمي لاءِ پاڪ آمريڪا گڏيل قدمن جي حمايت جو اظهار ڪندي ان ماڊل کي ڏکڻ پنجاب تائين واڌ ڏيڻ جي حوصلا افزائي ڪئي آهي. سينيٽ سيڪريٽريٽ مطابق اهڙن خيالن جو اظهار هن مشهور ڪاروباري شخصيت ۽ فيمليز سيٽ …

اسلام آباد -16 جون (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني پاڪستان ۾ سرن جي بٺن جي صنعت کي جديد رخن تي آڻڻ ۽ ان صنعت ۾ جبري پورهئي جي خاتمي لاءِ پاڪ آمريڪا گڏيل قدمن جي حمايت جو اظهار ڪندي ان ماڊل کي ڏکڻ پنجاب تائين واڌ ڏيڻ جي حوصلا افزائي ڪئي آهي. سينيٽ سيڪريٽريٽ مطابق اهڙن خيالن جو اظهار هن مشهور ڪاروباري شخصيت ۽ فيمليز سيٽ فري جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر مائيڪ برگلي جي قيادت ۾ هڪ اعليٰ سطحي وفد سان ملاقات دوران ڪيو. وفد ۾ قومي اسيمبلي ميمبر نويد عامر جيوا، ڊاڪٽر روبينه فيروز ڀٽي، پاڪستان پارٽنرشپ انيشيٽو جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر اشرف جي مال، ريان اينڊريو برڪلي، ميٿيوريان برڪلي، مقصود علي، ڊاڪٽر وحيدر يوسف ۽ ڪرنل محمد اختر اقبال شامل هئا. وفد جي اڳواڻ مائيڪ برڪلي سينيٽ چيئرمين کي فيمليز سيٽ فري ۽ پاڪستان پارٽنرشپ انيشيٽو طرفان پنجاب حڪومت جي سهڪار سان سرن جي بٺن کي جديد رخن تي آڻڻ ۽ ڪمزور طبقن لاءِ پائيدار روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ جي قدمن کان آگاهه ڪيو. اشرف جي مال ٻڌايو ته پاڪستان پارٽنرشپ انيشيٽو هاڻي تائين جبري پورهئي سبب متاثر 15 هزار کان وڌيڪ خاندانن جي بحالي ۽ معاونت ڪري چڪو آهي، جنهن ۾ روزگار، نوجوانن جي فني تربيت ۽ ٻارن جي اسڪولن ۾ داخلا مهم شامل آهي. هن بڌايو ته هلندڙ سال 25 آمريڪي ڪاروباري شخصيتن تي ٻڌل هڪ وفد پاڪستان جو دورو ڪري چڪو آهي ته جيئن سرن جي بٺن جي جديدڪاري ۽ روزگار جي موقعي ۾ سيڙپڪاري جو جائزو وٺي سگهجي، قومي اسيمبلي ميمبر نويد عامر جيوا عورتن، اقليتن ۽ پٺتي پيل طبقن جي ڀلائي لاءِ پي پي پي جي عزم کي اجاگر ڪندي چيو ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جبري پورهئي مان نڪرندڙ خاندانن جي معاونت لاءِ هڪ اثرائتو پليٽ فارم ثابت ٿي سگهي ٿو. ڊاڪٽر روبينه فيروز ڀٽيءَ سينيٽ چيئرمين کي آگاهه ڪيو ته 3 سرن جا بٺا پهريان ئي جديد بڻايا ويا آهن، جڏهن ته فيصل آباد، سرگوڌا ۽ شيخو پوره ۾ وڌيڪ 6 بٺن جي جديدڪاري جاري آهي. سينيٽ چيئرمين ان قدم کي ساراهيندي وفد کي مڪمل سهڪار جي خاطري ڪرائي ۽ ان ماڊل کي ڏکڻ پنجاب تائين توسيع ڏيڻ جي حوصلا افزائي ڪئي. هن پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ سهڪار کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ خاص ڪري پنجاب ۽ ڪيليفورنيا وچ ۾ رابطن کي هٿي وٺائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. سينيٽ چيئرمين چيو ته عورتون ۽ اقليتون هميشه سندس سياسي ويزن ۽ چونڊ تڪ جو اهم حصو رهيون آهن جڏهن ته پيپلز پارٽي عورتن ۽ اقليتن جي حقن، بااختيار بڻائڻ ۽ ڀلائي لاءِ نمايان ڪردار ادا ڪيو آهي. هن چيو ته پاڪستان جي پارليامينٽ خاص ڪري سينيٽ عورتن جي نمائندگي ۽ پارلياماني عمل ۾ سندن اثرائتي شموليت کي يقيني بڻائڻ لاءِ اهم قدم کنيا آهن، اهڙي طرح اقليتن جي سياسي شموليت ۽ نمائندگي جي فروغ لاءِ مخصوص سيٽون به مختص ڪيون ويون آهن. هن چيو ته پاڪستان ۾ آئين تحت اقليتن کي مڪمل مذهبي آزادي حاصل آهي ۽ سينيٽ اقليتي حقن جي تحفظ ۽ بين المذاهب هم آهنگي کي هٿي وٺائڻ لاءِ اثرائتي قانونسازي ڪئي آهي. ان کان اڳ هڪ اطالوي ڪاروباري وفد سينيٽ چيئرمين سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن، ڪاروباري موقعن، واپار کي هٿي وٺائڻ ۽ پاڪستان ۽ اٽلي وچ ۾ ٻه طرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ تي ڳالهيون ڪيون ويون. وفد ۾ اينڊريا ڪوسٽانٽينو (سيڙپڪاري ڊائريڪٽر ۽ توانائي مارڪيٽ جي ماهر)، فابيو اسڪاشيويلاني (باني شراڪتدار، نيڪسٽ ايڪسپيرينس) ۽ ياسر ايم باجوه (صدر، اي ايم بي ٽيڪنو سروس) شامل هئا. ملاقات ۾ اقتصادي سهڪار کي هٿي ڏيڻ ۽ مختلف شعبن ۾ سيڙپاڪري جا امڪان ڳولڻ تي زور ڀريو ويو. سينيٽ چيئرمين اٽلي ۾ رهندڙ پاڪستاني ڪميونٽي جي ڪردار کي ساراهيندي چيو ته سمنڊ پار پاڪستاني عوامي رابطن کي هٿي وٺائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. هن وفد جي آجيان ڪندي پاڪستان ۽ اٽلي وچ ۾ پراڻن دوستاڻن لاڳاپن کي ساراهيو ۽ پارلياماني ۽ اقتصادي سهڪار کي هٿي وٺائڻ جي صرورت تي زور ڀريو. سينيٽ چيئرمين پاڪستان ۽ اٽليءَ وچ ۾ واپار، سيڙپڪاري ۽ اقتصادي سهڪار کي هٿي وٺائڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. جڏهن ته اٽلي جي وفد پاڪستان جي اقتصادي سگهه کي ساراهيندي گڏيل مفاد تي ٻڌل سهڪار کي هٿي وٺائڻ ۾ دلچسپي جو ورجاءُ ڪيو.