بيجنگ -16 جون (اي پي پي) وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين راڻا مشهود احمد خان اعليٰ سطحي وفد سان گڏ چين جو دورو ڪيو جنهن جو مقصد پيشيواراڻي تعليم، فني تربيت، نوجوانن جي ترقي ۽جديد ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ پاڪستان ۽چين وچ ۾ سهڪار کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ هو، اهو دورو ٻنهي ملڪن وچ ۾ هنرمنديءَ جي ترقي ۽ معاشي ڀائيواري جي وسيع فريم ورڪ جو حصو آهي. اڱاري ڏينهن …
راڻا مشهود احمد خان جو وفد سان گڏ چين جو دورو

مزید خبریں
بيجنگ -16 جون (اي پي پي) وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين راڻا مشهود احمد خان اعليٰ سطحي وفد سان گڏ چين جو دورو ڪيو جنهن جو مقصد پيشيواراڻي تعليم، فني تربيت، نوجوانن جي ترقي ۽جديد ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ پاڪستان ۽چين وچ ۾ سهڪار کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ هو، اهو دورو ٻنهي ملڪن وچ ۾ هنرمنديءَ جي ترقي ۽ معاشي ڀائيواري جي وسيع فريم ورڪ جو حصو آهي. اڱاري ڏينهن وزيراعظم يوٿ پروگرام پاران جاري بيان مطابق دوري دوران وفد گوانگ ڊونگ اوپن يونيورسٽي جو دورو ڪيو جتي يونيورسٽي جي قيادت، صدر ليو وين چنگ، ڊپٽي سيڪريٽري پارٽي ڪميٽي، وائيس پريزيڊنٽ سونگ بواور ۽ ٻين اعليٰ عملدارن وفد جي آجيان ڪئي. ڌرين وزيراعظم محمد شهباز شريف جي چين جي دوري دوران طئي ٿيل پيشيواراڻن تعليمي منصوبن جي اڳڀرائي جو جائزو ورتو. اها ملاقات تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ جاري منصوبن کي تيزي سان عملي شڪل ڏيڻ لاءِ هڪ اثرائتو پليٽ فارم ثابت ٿي. راڻا مشهود چين پاڪستان يوٿ ووڪيشنل ايجوڪيشن سمپوزيم ۾ شرڪت ڪئي جتي وائيس پريذيڊنٽ سونگ بو يونيورسٽي طرفان آجياڻا جملا چيا. پنهنجي خطاب ۾ چيئرمين وزيراعظم يوٿ پروگرام جو ويزن پيش ڪيو ۽ چيو ته نوجوانن کي فني تعليم ۽ فني تربيت ۽ ڊجيٽل مهارتن ذريعي بااختيار بڻايو پيو وڃي. هن گوانگ ڊونگ اوپن يونيورسٽي جي تعليمي ترقي ۽ جدت کي ساراهيو ۽ ٽينفينگ انٽرنيشنل ايجوڪيشن گروپ جي ڪردار کي به تسليم ڪيو. هن چيو ته پي ايم واءِ پي جو چين سيڪريٽريٽ ٽينفينگ انٽرنيشنل ايجوڪيشن گروپ جي بيجنگ هيڊ ڪوارٽر ۾ قائم ڪيو ويندو ته جيئن پاڪستان ۽ چين جي ادارن وچ ۾ هنرمندي، تربيت ۽ روزگار جا شعبن ۾ رابطو وڌيڪ مضبوط ٿي سگهي. هن چيو ته پاڪستان چين سان فني ۽ پيشيواراڻي تعليم جي شعبي ۾ سهڪار کي وڌيڪ وڌائڻ لاءِ پرعزم آهي جيڪو نوجوانن لاءِ نوان موقعا پيدا ڪندو ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ معاشي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائيندو. ان موقعي تي هن پاڪستان نيشنل ووڪيشنل ايجوڪيشن ٽيچرز ٽريننگ بيس جو گڏيل طور تي افتتاح ڪيو جنهن کي ٻنهي ملڪن وچ ۾ سهڪار ۾ هڪ اهم سنگ ميل قرار ڏنو ويو. اهو منصوبو استادن جي تربيت، تعليمي معيار ۾ بهتري ۽ نوجوانن لاءِ روزگار جا نوان موقعا پيدا ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو. راڻا مشهود يونيورسٽي جي اعليٰ معيار جي تعليم کي ساراهيو ۽ شاگردن جي محنت، اعتماد ۽ مهارت کي تعريف جوڳو قرار ڏنو. ان کان پوءِ وفد اسڪول آف انجنيئرنگ ٽيڪنالاجي جي جديد ليبارٽريز جو دورو ڪيو جتي فيڪلٽي جديد صنعتي نظام، اوزارن ۽ عملي تربيت جي طريقن تي تفصيلي بريفنگ ڏني. هن دوري فني تعليم، مهارتن جي ترقي ۽ عملي تربيت جي جديد ماڊلز کي سمجهڻ جو موقعو فراهم ڪيو. پي ايم واءِ پي چين ٽريننگ بيس ايڪسچينج پروگرام جي پڄاڻي تي ٻنهي ملڪن ان عزم جو اظهار ڪيو ته تعليمي تعاون کي عملي منصوبن ۾ تبديل ڪيو وڃي. ان ۾ گڏيل فني تربيت، تعليمي وسيلن جي ڏي وٺ ۽ ٻه طرفه انساني وسيلن جي ترقي شامل آهي. وفد بيجنگ گوانگڊابوئي ٽيڪنالاجي ڊولپمينٽ ڪمپني جو به دورو ڪيو جتي کين ڪمپني جي جديد ورڪشاپس، مينيوفيڪچرنگ يونٽس ۽ نيو انرجي وهيڪل (اين اي وي) تربيتي اوزارن جي نمائش ڏيکاري وئي. ڪمپني ماهرن جديد تعليمي ۽ صنعتي نظام تي تفصيلي بريفنگ ڏني. دوري جي پڄاڻي تي ٻنهي ملڪن ان عزم جو اظهار ڪيو ته نوجوانن کي جديد هنر سان آراسته ڪيوو يندو، تعليمي سهڪار کي وڌيڪ مضبوط بڻايو ويندو ۽ پاڪ چين دوستي کي نئين بلندين تائين پهچايو ويندو.










