اسلام آباد – 06 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته نقيب الله محسود جو معاملو رڳو صوبائي حڪومت جو نه آهي پر رياست جو معاملو آهي، ان معاملي ۾ انصاف جي گهرجن کي پورو ڪيو ويندو، حڪومت پاران نقيب الله محسود جي نالي تي وزيرستان ۾ هڪ ڪاليج پڻ تعمير ڪيو ويندو. وزيراعظم سان محسود ۽ وزير قبيلي جي جرڳي وزيراعظم آفيس ۾ ملاقات ڪئي، …
نقيب الله محسود جو معاملو صوبائي حڪومت جو نه پر رياست جو آهي: وزيراعظم

مزید خبریں
اسلام آباد – 06 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته نقيب الله محسود جو معاملو رڳو صوبائي حڪومت جو نه آهي پر رياست جو معاملو آهي، ان معاملي ۾ انصاف جي گهرجن کي پورو ڪيو ويندو، حڪومت پاران نقيب الله محسود جي نالي تي وزيرستان ۾ هڪ ڪاليج پڻ تعمير ڪيو ويندو. وزيراعظم سان محسود ۽ وزير قبيلي جي جرڳي وزيراعظم آفيس ۾ ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ خيبرپختونخواهه جو گورنر اقبال ظفر جهڳڙا، ڪيڊ وارو مملڪتي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري ۽ وزيراعظم جو سياسي معاملن وارو صلاحڪار انجنيئر امير مقام پڻ موجود هئا.











