آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه جي ترڪي جي دفاع واري وزير سان ملاقات

راولپنڊي– 21 جون (اي پي پي) پاڪ فوج جي سربراهه جنرل قمر جاويد باجوه جيڪو ترڪي جي سرڪاري دوري تي آهي، ترڪي جي دفاع واري وزير فڪري اسڪ سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ علائقائي صورتحال ۽ ٻه طرفي سهڪار تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پاڪ فوج جي سڌ سماءَ واري شعبي آءِ ايس پي آر مطابق ملاقات ۾ ٻنهي ڌرين سلامتي پاليسين دفاعي پيداوار ۽ انساني وسيلن جي …

راولپنڊي– 21 جون (اي پي پي) پاڪ فوج جي سربراهه جنرل قمر جاويد باجوه جيڪو ترڪي جي سرڪاري دوري تي آهي، ترڪي جي دفاع واري وزير فڪري اسڪ سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ علائقائي صورتحال ۽ ٻه طرفي سهڪار تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پاڪ فوج جي سڌ سماءَ واري شعبي آءِ ايس پي آر مطابق ملاقات ۾ ٻنهي ڌرين سلامتي پاليسين دفاعي پيداوار ۽ انساني وسيلن جي تربيت جي شعبن ۾ سهڪار جي وسيع موقعن سان اتفاق ڪيو.