اسلام آباد – 13 مئي (اي پي پي) وزيراعظم جي ترجمان ڊاڪٽر مصدق ملڪ چيو آهي ته پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي حڪومت جي مدبراڻي پاليسين سبب 4 سالن دوران اقتصادي واڌويجهه ۾ نمايان اضافو ٿيو آهي. نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي هن چيو ته هلندڙ سال اقتصادي ترقي جي شرح 5 سيڪڙو تائين پهچڻ جو امڪان آهي جيڪا هڪ وڏي ڪاميابي آهي. هن چيو ته امن امان جي …
حڪومت جي مدبراڻي پاليسين سبب اقتصادي واڌويجهه بهتر ٿي آهي: مصدق ملڪ
اسلام آباد – 13 مئي (اي پي پي) وزيراعظم جي ترجمان ڊاڪٽر مصدق ملڪ چيو آهي ته پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي حڪومت جي مدبراڻي پاليسين سبب 4 سالن دوران اقتصادي واڌويجهه ۾ نمايان اضافو ٿيو آهي. نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي هن چيو ته هلندڙ سال اقتصادي ترقي جي شرح 5 سيڪڙو تائين پهچڻ جو امڪان آهي جيڪا هڪ وڏي ڪاميابي آهي. هن چيو ته امن امان جي صورتحال ۽ معيشت سميت سمورن شعبن ۾ نمايان بهتري آئي آهي ۽ مٽاسٽا جي ناڻي جي ذخيرن ۾ اضافو ۽ رپئي جي قدر ۾ استحڪام موجوده حڪومت جي موثر اقتصادي پاليسين جو نتيجو آهي.











