جيڪب آباد ضلعي ۾ گرمي جي شدت ۾ گهٽتائي لاءِ وڌ کان وڌ پوٽا لڳايا وڃن: ڊپٽي ڪمشنر

لاڙڪاڻو /جيڪب آباد- 12 جون (اي پي پي) جيڪب آباد ۾ گرمي جي شدت کي گهٽائڻ، ماحول کي بهتر بڻائڻ لاءِ شهر توڙي ٻهراڙي وارن علائقن ۾ ساوڪ وڌائڻ لاءِ وڻڪاري انتهائي ضروري آهي جڏهن ته ضلعي ۾ وڌ کان وڌ پوٽا لڳايا وڃن. اهڙن خيالن جو اظهار جيڪب آباد جي ڊپٽي ڪمشنر شهزاد احمد ضلعي ۾ وڻڪاري مهم بابت اهم اجلاس دوران ڪيو. ڊي سي آفيس جيڪب آباد جي ڊجيٽل ڪانفرنس روم ۾ منعقد ٿيل اجلاس جي صدارت …

لاڙڪاڻو /جيڪب آباد- 12 جون (اي پي پي) جيڪب آباد ۾ گرمي جي شدت کي گهٽائڻ، ماحول کي بهتر بڻائڻ لاءِ شهر توڙي ٻهراڙي وارن علائقن ۾ ساوڪ وڌائڻ لاءِ وڻڪاري انتهائي ضروري آهي جڏهن ته ضلعي ۾ وڌ کان وڌ پوٽا لڳايا وڃن. اهڙن خيالن جو اظهار جيڪب آباد جي ڊپٽي ڪمشنر شهزاد احمد ضلعي ۾ وڻڪاري مهم بابت اهم اجلاس دوران ڪيو. ڊي سي آفيس جيڪب آباد جي ڊجيٽل ڪانفرنس روم ۾ منعقد ٿيل اجلاس جي صدارت ڪندي ڊپٽي ڪمشنر سمورن کاتن ۽ اين جي اوز کي وڌ کان وڌ ٻوٽا لڳائڻ جون هدايت ڪئي، اجلاس ۾ ضلعي جي مختلف کاتن جي آفيسرن، ميونسپل ادارن، تعليم، صحت، زراعت، آبپاشي، هاءِ ويز، بلڊنگز، پبلڪ هيلٿ، لوڪل گورنمينٽ، ريسڪيو 1122 ۽ اين جي اوز جي نمائندن شرڪت ڪئي. ڊپٽي ڪمشنر شهزاد احمد چيو ته جيڪب آباد ۾ گرمي جي شدت کي گهٽائڻ، ماحول کي بهتر بڻائڻ ۽ شهر توڙي ٻهراڙي وارن علائقن ۾ ساوڪ وڌائڻ لاءِ وڻڪاري انتهائي ضروري آهي. هن سمورن کاتن کي هدايت ڪئي ته هو پنهنجي آفيسن، اسڪولن، اسپتالن، روڊن جي ڪنارن، سرڪاري عمارتن ۽ ٻين مناسب هنڌن تي وڌ کان وڌ ٻوٽا لڳائن. ڊپٽي ڪمشنر، ڊويزنل فاريسٽ آفيسر کي سخت هدايتون جاري ڪيون ته سمورن سرڪاري کاتن ۽ اين جي اوز کي مفت ٻوٽا فراهم ڪيا وڃن ته جيئن 15 جولاءِ کان شروع ٿيندڙ سانوڻي جي مند دوران وڏي پيماني تي ٻوٽا لڳائي سگهجن ۽ انهن جي بقا کي يقيني بڻائي سگهجي. هن وڌيڪ چيو ته صرف ٻوٽا لڳائڻ ڪافي ناهي، پر انهن جي سنڀال، پاڻي ڏيڻ ۽ حفاظت لاءِ به عملي قدم کنيا وڃن. هر کاتو پنهنجي سطح تي وڻڪاري جو پلان تيار ڪري رپورٽ ڊي سي آفيس ۾ جمع ڪرائي. ڊپٽي ڪمشنر چيو ته ضلعي انتظاميا جيڪب آباد کي وڌيڪ سرسبز ۽ ماحول دوست بڻائڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻندي جڏهن ته وڻڪاري مهم کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ سمورن ادارن، سول سوسائٽي ۽ عوام جو تعاون انتهائي اهم آهي.