حيدرآباد ۾ ڦليلي واهه مان اڻڄاتل عورت ۽ چينل  ۾ ٻُڏي ويل پنجن سالن جي ٻار جا لاش هٿ

حيدرآباد- 12 جون (اي پي پي) حيدرآباد جي علائقي سيري ٿاڻي ڀرسان ڦليلي واههه مان هڪ اڻڄاتل عورت جو لاش هٿ آيو آهي. اطلاع ملڻ تي ريسڪيو 1122 جي ٽيم سيري پهچي لاش کي واهه مان ٻاهر ڪڍي، سول اسپتال حيدرآباد منتقل ڪري ڇڏيو. جڏهن ته خميس جي ڏينهن هالا ناڪي وٽ لائينڊ چينل واهه ۾ ٻڏي ويل 5 ورهين جي نينگر دلبر پٽ محرم گوپانگ جو لاش جمعي جي …

حيدرآباد- 12 جون (اي پي پي) حيدرآباد جي علائقي سيري ٿاڻي ڀرسان ڦليلي واههه مان هڪ اڻڄاتل عورت جو لاش هٿ آيو آهي. اطلاع ملڻ تي ريسڪيو 1122 جي ٽيم سيري پهچي لاش کي واهه مان ٻاهر ڪڍي، سول اسپتال حيدرآباد منتقل ڪري ڇڏيو. جڏهن ته خميس جي ڏينهن هالا ناڪي وٽ لائينڊ چينل واهه ۾ ٻڏي ويل 5 ورهين جي نينگر دلبر پٽ محرم گوپانگ جو لاش جمعي جي ڏينهن هٿ آيو. ريسڪيو 1122 جي ٽيم ٻار جو لاش وارثن جي حوالي ڪري ڇڏيو هو.