اسلام آباد – 23 مارچ (اي پي پي) صدر ممنون حسين پاڪستان جي ڏهاڙي جي موقعي تي ايوان صدر ۾ مختلف شخصيتن کي هلال شجاعت، هلال امتياز، ستاره پاڪستان، ستاره شجاعت، ستاره امتياز ۽ صدارتي تمغه حسن ڪارڪردگي ايوارڊ سان نوازيو، صدر ممنون حسين 132 اهم شخصيتن کي مختلف شعبن ۾ بهترين خدمتن جي اعتراف ۾ ايوارڊ ڏيڻ جي منظوري ڏني وئي هئي جن کي خصوصي تقريبن ۾ ايوارڊ ڏنا ويا، مرڪزي تقريب ايوان صدر اسلام آباد ۾ ٿي جڏهن ته چئني صوبائي گادي وارن شهرن جي گورنر هائوسز ۾ به خصوصي تقريب منعقد ٿيون جن ۾ صدر طرفان گورنر مختلف شخصيتن کي ايوارڊن سان نوازيو.