اسلام آباد- 26 آڪٽوبر (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب ملڪ ۾ مضبوط ۽ ڪارآمد پرائيويٽ ايڪويٽي مارڪيٽ جي قيام لاءِ نيشنل پرائيويٽ ايڪويٽي فريم ورڪ جي روشني ۾ لاڳاپيل ادارن کي ضابطي جاتي ۽ ٽيڪس سڌارن ۾ اڳڀرائي تيز ڪرڻ، ملڪي سيڙپڪاري جا وسيلا متحرڪ ڪرڻ ۽ قابل عمل سيڙپڪاري موقعن جي نشاندهي جو عمل اڳتي وڌائڻ جي هدايت ڪئي آهي. هن اها ڳالهه سومر …
ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب پاران مضبوط ۽ ڪارآمد پرائيويٽ ايڪويٽي مارڪيٽ جي قيام لاءِ ضابطي جاتي ۽ ٽيڪس سڌارن ۾ اڳڀرائي کي تيز ڪرڻ جي هدايت

مزید خبریں
اسلام آباد- 26 آڪٽوبر (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب ملڪ ۾ مضبوط ۽ ڪارآمد پرائيويٽ ايڪويٽي مارڪيٽ جي قيام لاءِ نيشنل پرائيويٽ ايڪويٽي فريم ورڪ جي روشني ۾ لاڳاپيل ادارن کي ضابطي جاتي ۽ ٽيڪس سڌارن ۾ اڳڀرائي تيز ڪرڻ، ملڪي سيڙپڪاري جا وسيلا متحرڪ ڪرڻ ۽ قابل عمل سيڙپڪاري موقعن جي نشاندهي جو عمل اڳتي وڌائڻ جي هدايت ڪئي آهي. هن اها ڳالهه سومر ڏينهن هتي نيشنل پرائيويٽ ايڪويٽي فريم ورڪ جي قيام لاءِ قائم ڪيل ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪندي چئي. اجلاس ۾ ضابطي جاتي سڌارن، تجويز ڪيل ٽيڪس فريم ورڪ ۽ ملڪي سرمائي کي متحرڪ ڪرڻ ۽ سيڙپڪاري جا موقعا پيدا ڪرڻ لاءِ جاري قدمن جو جائزو ورتو ويو. ناڻي واري وزير مختلف شعبن ۾ ٿيل اڳڀرائي کي ساراهيندي ان ڳالهه تي زور ڀريو ويو ته پاليسي ۽ ضابطاجاتي سڌارن کي عملي سيڙپڪاري جي موقعن ۾ تبديل ڪيو وڃي. هن چيو ته هڪ شفاف، تجارتي اعتبار سان قابل عمل ۽ سيڙپڪار دوست نظام ملڪي بچت کي پيداواري سرگرمين ڏانهن منتقل ڪرڻ، اداره جاتي سيڙپڪاري کي راغب ڪرڻ ۽ نجي شعبي کي قيادت ۾ معاشي ترقي کي هٿي ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. اجلاس ۾ پاڪستان جي پرائيويٽ ايڪويٽي مارڪيٽ جي امڪانن جو جائزو وٺندي ڪاروباري ادارن کي حاصل ڪرڻ ڪمپنين جي ضم ۽ استحڪام، نون منصوبن ۽ موجوده سيڙپڪارن طرفان سيڙپڪاري مان نيڪال جي موقعن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اجلاس ۾ ملڪي اداره جاتي سرمائي کي متحرڪ ڪرڻ تي خاص ڌيان ڏنو ويو، جنهن ۾ بينڪن، انشورنس ڪمپنين، ميوچئل فنڊز، پينشن اسڪيمن ۽ ترقياتي مالياتي ادارن جي دستياب وسيلا شامل آهن. ان کان سواءِ مقامي ڪاروباري ادارن ۽ خانداني آفيسن جي امڪاني شرڪت تي پڻ غور ڪيو ويو.ان موقعي تي اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان پاران تازين ضابطاجاتي تبديلين بابت بريفنگ ڏني وئي جنهن ۾ بئنڪن لاءِ ڪنهن هڪ پرائيويٽ ايڪويٽي فنڊ ۾ سيڙپڪاري جي قابل اجازت واري حد کي 10 سيڪڙو کان وڌائي 20 سيڪڙو ڪرڻ به شامل آهي. ٽيڪس جي معاملي تي ڪميٽي پرائيويٽ ايڪويٽي فنڊز لاءِ هڪ واضح، مقابلي واري ۽ متوقع ٽيڪس نظام ٺاهڻ جي تجويزن جو جائزو ورتو.ناڻي واري وزير لاڳاپيل عالمي ٽيڪس ماڊلز جو جامع جائزو وٺڻ ۽ انهن کي پاڪستان جي معاشي ۽ ضابطاجاتي ماحول سان هم آهنگ ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريو. هن چيو ته تجويز ڪيل ٽيڪس انتظامن سان جائز سيڙپڪاري جي حوصلا افزائي ٿيڻ گهرجي، پر ان جي ذريعي ٽيڪس کان بچڻ جي غير مناسب موقعا غير ارادي معاشي بگاڙ يا ضابطاجاتي ٽڪراءُ پيدا نه ٿيڻ گهرجن. ڪميٽي ان ڳالهه تي به زور ڀريو ته ضابطاجاتي ۽ ٽيڪس سان لاڳاپيل ادارن وچ ۾ هڪ مربوط حڪمت عملي اختيار ڪئي وڃي ته جيئن سيڙپڪاري جي مختلف قسمن ۽ ذريعن لاءِ هڪجهڙا ۽ هم آهنگ اصول جوڙي سگهجن ۽ پرائيويٽ ايڪويٽي مارڪيٽ جي اثرائتي ترقي ممڪن ٿي سگهي. ناڻي واري وزير لاڳاپيل ڌرين کي هدايت ڪئي ته هن وقت تائين حاصل ڪيل اڳڀرائي کي اڳتي وڌايو وڃي، ضابطاجاتي ۽ ٽيڪس بابت التوا ۾ پيل مسئلا حل ڪيا وڃن ۽ ملڪي سرمائي کي متحرڪ ڪرڻ سان گڏ قابل عمل سيڙپڪاري جي موقعن جي نشاندهي تي ڪم تيز ڪيو وڃي ته جيئن قومي پرائيويٽ ايڪويٽي فريم ورڪ تي عملدرآمد طرف اڳڀرائي ممڪن ٿي سگهي.











