ڪراچي- 26 آڪٽوبر (اي پي پي) سنڌ جي سينيئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سنڌ ۾ سرنهن، تر ۽ ڪينولا جي فصلن جي پوک ۾ واڌ سٺو سنوڻ آهي. مقامي سطح تي کاڄرو تيل جي پيداوار وڌڻ سان آمدني واپار تي دارومدار گهٽائڻ، پرڏيهي ناڻي جي بچت ۽ آبادگارن جي آمدنيءَ ۾ واڌ ۾ مدد ملندي. هڪ بيان ۾ …
سنڌ حڪومت آبادگارن جي مالي مدد، زرعي خرچن ۾ گهٽتائي ۽ مقامي زرعي پيداوار وڌائڻ لاءِ عملي قدم کڻي رهي آهي: شرجيل انعام ميمڻ

مزید خبریں
ڪراچي- 26 آڪٽوبر (اي پي پي) سنڌ جي سينيئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سنڌ ۾ سرنهن، تر ۽ ڪينولا جي فصلن جي پوک ۾ واڌ سٺو سنوڻ آهي. مقامي سطح تي کاڄرو تيل جي پيداوار وڌڻ سان آمدني واپار تي دارومدار گهٽائڻ، پرڏيهي ناڻي جي بچت ۽ آبادگارن جي آمدنيءَ ۾ واڌ ۾ مدد ملندي. هڪ بيان ۾ سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ ۾ سرنهن جي پوک جي ايراضي 51 هزار 870 هيڪٽرن مان وڌي 61 هزار 165 هيڪٽرز ٿي وئي آهي، جڏهن ته تر ۽ ڪينولا جي پوک ۾ به واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي. سنڌ جي ھيٺاھين وارن علائقن ۾ سرنهن جي پوک کي هٿي وٺرائڻ جا وسيع موقعا موجود آهن، جن مان فائدو وٺي زرعي پيداوار ۾ وڌيڪ واڌ ڪري سگهجي ٿي. هن چيو ته سنڌ حڪومت آبادگارن جي مالي مدد، زرعي خرچن ۾ گهٽتائي ۽ مقامي زرعي پيداوار وڌائڻ لاءِ عملي قدم کڻي رهي آهي. آبادگارن کي مالي مدد فراهم ڪرڻ، ڀاڻ تي سبسڊي، جديد زرعي مشينريءَ جي واڌاري ۽ آبپاشيءَ جي وسيلن جي اثرائتي استعمال کي حڪومت جي اوليتن ۾ شامل ڪيو ويو آهي. سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته بينظير هاري ڪارڊ ذريعي آبادگارن کي مالي مدد ڏني پئي وڃي، جڏهن ته آبادگارن لاءِ 14.9 ارب رپين جي اضافي امدادي پيڪيج تحت ڊي اي پي ڀاڻ تي سبسڊي پڻ ڏني پئي وڃي. سنڌ حڪومت آبادگارن جي سھائتا ۾ زرعي شعبي کي مضبوط بڻائڻ ۽ مقامي پيداوار ۾ واڌ لاءِ پنهنجا قدم جاري رکندي، ته جيئن هاري خوشحال ٿين ۽ ملڪ کاڌي جي تيل جي آمدني واپار تي دارومدار گهٽائي سگهي.











