ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم خشڪ رهڻ جو امڪان آهي: موسميات کاتو

اسلام آباد- 26 آڪٽوبر (اي پي پي) موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم خشڪ رهڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته اترئين علائقن ۾ موسم جزوي جهڙالي رهڻ کانسواءِ صبح ۽ رات جي وقت ۾ موسم ٿڌي رهڻ جو امڪان آهي. موسميات کاتي مطابق موجوده صورتحال کي نظر ۾ رکندي ملڪ جي اڪثر علائقن تي خشڪ هوائون موجود آهن. گذريل 24 …

اسلام آباد- 26 آڪٽوبر (اي پي پي) موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم خشڪ رهڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته اترئين علائقن ۾ موسم جزوي جهڙالي رهڻ کانسواءِ صبح ۽ رات جي وقت ۾ موسم ٿڌي رهڻ جو امڪان آهي. موسميات کاتي مطابق موجوده صورتحال کي نظر ۾ رکندي ملڪ جي اڪثر علائقن تي خشڪ هوائون موجود آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم خشڪ رهي، جڏهن ته اترئين علائقن ۾ صبح ۽ رات جي وقت ۾ ٿڌ رهي. سومر ڏينهن رڪارڊ ڪيل وڌ ۾ وڌ گرمي پد ليه ڪاٽو 04، اسڪردو ڪاٽو 01، زيارت 01، قلات 02، بابوسر ۽ استور ۾ 03 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.

مزید خبریں