اسلام آباد- 26 آڪٽوبر (اي پي پي) نيشنل سائبر ايمرجنسي ريسپانس ٽيم (سرٽ) واٽس ايپ ويب ۽ ڊيسڪ ٽاپ اپيليڪيشن ذريعي ٽارگيٽيڊ سائبر حملن تي هاءِ الرٽ جاري ڪندي سرڪاري ۽ حساس معلومات رکندڙ ماڻهن لاءِ خطري جي شدت کي ”هاءِ“ قرار ڏئي ڇڏيو آهي. نيشنل سرٽ طرفان جاري ڪيل تفصيلي ايڊوائيزري موجب هيڪرز واٽس ايپ ويب، ڊيسڪ ٽاپ ۽ اي ميل ذريعي سرڪاري آفيسرن ۽ ادارن جي جعلي سڃاڻپ …
واٽس ايپ ويب ۽ ڊيسڪ ٽاپ ذريعي سائبر حملن جو هاءِ الرٽ جاري، حساس آفيسرن کي احتياط ڪرڻ جي هدايت

مزید خبریں
اسلام آباد- 26 آڪٽوبر (اي پي پي) نيشنل سائبر ايمرجنسي ريسپانس ٽيم (سرٽ) واٽس ايپ ويب ۽ ڊيسڪ ٽاپ اپيليڪيشن ذريعي ٽارگيٽيڊ سائبر حملن تي هاءِ الرٽ جاري ڪندي سرڪاري ۽ حساس معلومات رکندڙ ماڻهن لاءِ خطري جي شدت کي ”هاءِ“ قرار ڏئي ڇڏيو آهي. نيشنل سرٽ طرفان جاري ڪيل تفصيلي ايڊوائيزري موجب هيڪرز واٽس ايپ ويب، ڊيسڪ ٽاپ ۽ اي ميل ذريعي سرڪاري آفيسرن ۽ ادارن جي جعلي سڃاڻپ اختيار ڪري نقصان ڏيندڙ فائل ۽ ٽارگيٽيڊ فشنگ لنڪس موڪلي رهيا آهن. سرڪاري دستاويزن جي نالي تي موڪليل انهن فائلن ذريعي ونڊوز سسٽمز کي متاثر ڪيو پيو وڃي جنهن جي نتيجي ۾ ڪمپيوٽر جو غير مجاز رموٽ ڪنٽرول حاصل ٿيڻ، ڳجهن پاس ورڊز ۽ حساس ڊيٽا چوري ٿيڻ جو شديد خدشو آهي. ايڊوائيزري ۾ خبردار ڪيو ويو آهي ته حملو ڪندڙ واٽس ايپ ويب سيشنز هاءِ جيڪ ڪري لاڳاپيل صارف جي نمبرن تان جعلسازي ڪري سگهن ٿا، جيڪڏهن ڪنهن ڄاڻ سڃاڻ واري نمبر تان غير متوقع پيغام يا فائل ملي، يا واٽس ايپ جي لنڪڊ ڊوائيسز ۾ ڪا اڻ ڄاتل ڊوائيس نظر اچي ته اهو ٽارگيٽگ جي واضح علامت ٿي سگهي ٿي. نيشنل سرٽ حساس معلومات رکندڙ سمورن آفيسرن ۽ ملازمن کي سختي سان هدايت ڪئي ته هو سرڪاري ونڊوز ڪمپيوٽرز تي واٽس ايپ ويب ۽ ڊيسڪ ٽاپ جو استعمال فوري بند ڪن ۽ پهرين کان لاگ ان شڪي سيشنز کي فوري تي لاگ آئوٽ ڪن. ان کانسواءِ واٽس ايپ تي ملندڙ فائلز کي سرڪاري ونڊوز سسٽم تي منتقل ڪرڻ کان به مڪمل پاسو ڪيو وڃي. ايڊوائيزري ۾ حفاظتي قدم تجويز ڪندي چيو ويو آهي ته ڪنهن به اڻ تصديق ٿيل لنڪ، فائل يا پيغام کي کولڻ کان پاسو ڪيو وڃي، پاس ورڊز، او ٽي پي يا تصديق ٿيل ڪوڊز ڪنهن سان به شيئر نه ڪيا وڃن ۽ سمورن اڪائونٽس تي ٽو فيڪٽر ويريفڪيشن ۽ واٽس ايپ ٽو اسٽيپ ويريفڪيشن لازمي فعال رکي وڃي. ونڊوز، برازر ۽ سيڪيورٽي سافٽ ويئر کي اپ ڊيٽ رکڻ جي به هدايت ڪئي وئي آهي. ايڊوائيزري موجب جيڪڏهن ڪنهن سسٽم جي هيڪ ٿيڻ جو شڪ ٿئي ته لاڳاپيل ڊوائيس کي فوري طور تي انٽرنيٽ ۽ لوڪل نيٽ ورڪ کان جدا ڪيو وڃي جڏهن ته شڪي پيغام ۽ لاگرز کي ثبوت طور محفوظ رکيو وڃي ۽ انهن کي ٻيهر نه کوليو وڃي.











