سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ 1400 رپين جي واڌ رڪارڊ

اسلام آباد- 26 آڪٽوبر (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت 1400 رپين جي واڌ سان في تولو سون 4 لک 23 هزار 436 روپين جو ٿي ويو. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن مطابق سومر ڏينهن سون جي في تولو قيمت ۾ 1400 رپين جي واڌ کانپوءِ في تولو سون 4 لک 23 هزار 4 سئو 36 روپين جو ٿي ويو آهي. 24 قيراط سون جي 10 گرام جي قيمت …

اسلام آباد- 26 آڪٽوبر (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت 1400 رپين جي واڌ سان في تولو سون 4 لک 23 هزار 436 روپين جو ٿي ويو. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن مطابق سومر ڏينهن سون جي في تولو قيمت ۾ 1400 رپين جي واڌ کانپوءِ في تولو سون 4 لک 23 هزار 4 سئو 36 روپين جو ٿي ويو آهي. 24 قيراط سون جي 10 گرام جي قيمت به 1201 رپين جي واڌ کانپوءِ 3 لک 63 هزار 028 رپيا ٿي وئي، جڏهن ته 10 گرام 22 قيراط سون جي قيمت 1101رپين جي واڌ کانپوءِ 3 لک 32 هزار 787 رپيا ٿي وئي. آل سنڌ صرافه جيولرز ايسوسيئيشن مطابق في تولو چانديءَ جي قيمت ۾ 20 رپين جي واڌ کانپوءِ 5878 رپيا ۽ 10 گرام چانڊيءَ جي قيمت 17 رپين جي واڌ کانپوءِ 5039 رپيا ٿي وئي. ايسوسيئيشن رپورٽ ڪيو آهي ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون جي قيمت14 ڊالر جي واڌا کانپوءِ 4009 ڊالر ٿي وئي.

مزید خبریں