لاڙڪاڻو جي ميئر جي جنيوا سوئٽزرلينڊ ۾ گڏيل قومن جي ميئرز فورم جي ڇهين اجلاس ۾ شرڪت

لاڙڪاڻو- 26 آڪٽوبر (اي پي پي) لاڙڪاڻو جي ميئر ايڊووڪيٽ انور علي لهر جنيوا سوئٽزرلينڊ ۾ گڏيل قومن جي ميئرز فورم جي ڇهين اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. ميئر لاڙڪاڻو ايڊووڪيٽ انور علي لهر سوئٽزرلينڊ جي شهر جنيوا ۾ منعقد ٿيل گڏيل قومن جي ميئرز فورم جي ڇهين اجلاس ۾ شرڪت ڪري عالمي سطح تي لاڙڪاڻي شهر جي نمائندگي ڪئي. ميئر لاڙڪاڻي جي ترجمان موجب گڏيل قومن جي عالمي فورم ۾ …

لاڙڪاڻو- 26 آڪٽوبر (اي پي پي) لاڙڪاڻو جي ميئر ايڊووڪيٽ انور علي لهر جنيوا سوئٽزرلينڊ ۾ گڏيل قومن جي ميئرز فورم جي ڇهين اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. ميئر لاڙڪاڻو ايڊووڪيٽ انور علي لهر سوئٽزرلينڊ جي شهر جنيوا ۾ منعقد ٿيل گڏيل قومن جي ميئرز فورم جي ڇهين اجلاس ۾ شرڪت ڪري عالمي سطح تي لاڙڪاڻي شهر جي نمائندگي ڪئي. ميئر لاڙڪاڻي جي ترجمان موجب گڏيل قومن جي عالمي فورم ۾ لاڙڪاڻي جي سڃاڻپ کي عالمي سطح تي اجاگر ڪرڻ ۽ شهري ترقي، بلدياتي نظام جي بهتري، عوامي خدمتن ۽ پائيدار شهري ترقي جي حوالي سان آگاهي ڏني وئي. هن عالمي فورم ۾ شرڪت لاڙڪاڻي شهر کي عالمي سطح تي متعارف ڪرائڻ ۽ جديد شهري ترقي لاءِ نوان امڪان ڳولڻ طرف هڪ اهم اڳڀرائي قرار ڏني پئي وڃي.

مزید خبریں