اسلام آباد-26 آڪٽوبر (اي پي پي)ڪشمير معاملن ۽ گلگت بلتستان واري وفاقي وزير انجنيئر امير مقام چيو آهي ته ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ ڀارتي قابض فوج جي داخل ٿيڻ جي ڏينهن کي سڄي ملڪ ۾ ڪاري ڏينهن طور ملهايو ويندو، پاڪستان ڪشميرين جي آزادي واري جدوجهد جي هر ممڪن امڪاني مدد جاري رکندو، حق جي ويڙهه کانپوءِ اها اميد پيدا ٿي وئي آهي ته ڪشميرين …
ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ ڀارتي قابض فوج جي داخل ٿيڻ جي ڏينهن کي سڄي ملڪ ۾ ڪاري ڏينهن طور ملهايو ويندو: انجنيئر امير مقام

مزید خبریں
اسلام آباد-26 آڪٽوبر (اي پي پي)ڪشمير معاملن ۽ گلگت بلتستان واري وفاقي وزير انجنيئر امير مقام چيو آهي ته ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ ڀارتي قابض فوج جي داخل ٿيڻ جي ڏينهن کي سڄي ملڪ ۾ ڪاري ڏينهن طور ملهايو ويندو، پاڪستان ڪشميرين جي آزادي واري جدوجهد جي هر ممڪن امڪاني مدد جاري رکندو، حق جي ويڙهه کانپوءِ اها اميد پيدا ٿي وئي آهي ته ڪشميرين کي ضرور حق خوداراديت ملندو، ڪشمير مسئلو ڪشميرين جي خواهشن ۽ گڏيل قومن جي قراردادن موجب حل ٿيڻ گهرجي. سومر ڏينهن ڪشمير ڪائونسل ۾ ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس آزاد ڪشمير جي ڪنوينئر غلام محمد صفي ۽ صلاحڪار شبير عثماني سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي امير مقام چيو ته 27 آڪٽوبر ڪشمير جي تاريخ ۾ ڪارو ڏينهن آهي، جڏهن ڪشميرين جي مرضي کانسواءِ ڪشمير ۾ ڀارتي قابض فوجون داخل ٿيون، ڪيترن ئي ڏهاڪن کان ظلم ۽ ستم جي باوجود ڪشميري پنهنجي حق خوداراديت کان پوئتي نه هٽيا، ڀارت سالن کان ڪشمير تي غير قانوني قبضو ڪري رکيو آهي، انساني حقن جون سنگين ڀڃڪڙيون اڃان تائين جاري آهن، هتي سمورن ظلمن باوجود آزادي وارو جذبو قائم ۽ دائم آهي، ڪشميرين کي جيترو دٻائيندا انهن جو جذبو وڌيڪ وڌندو، ڀارت حق ڏيڻ بدران آئين ۾ موجود حقن کان به آئين ۾ ترميم ڪري 2019ع ۾ کين محروم ڪري ڇڏيو. ڪشمير جي جاگرافيائي جي تبديلي لاءِ اهو قدم کنيو ويو، هن چيو ته ڪشمير تڪرار هر پاڪستاني جي دل ۾ زنده آهي، پاڪستان انهن جي هر امڪاني مدد جاري رکندو ۽ انهن کي گڏيل قومن جي قراردادن موجب حق ملڻ تائين حمايت جاري رکندو. هن چيو ته گڏيل قومن کي به اپيل آهي ته هو ڪشميرين کي سندن بنيادي حق ڏياري. هن چيو ته ڪاري ڏينهن کي پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ ڀرپور انداز ۾ ملهايو ويندو، دنيا کي حقيقت کان آگاهه ڪيو ويندو. هن چيو ته ريڊيو پاڪستان کان ڊي چوڪ تائين ريلي ڪڍي ويندي، هتي به جلسو منعقد ٿيندو، ان ۾ سموريون سياسي پارٽيون سياسي وابستگي کان مٿانهون ٿي ڪري شريڪ ٿينديون، آزاد ڪشمير جو وزيراعظم مظفرآباد ۾ ريلي جي قيادت ڪندو، اهڙي طرح وڏن وزيرن کي به اپيل آهي ته هو به ريليون منعقد ڪن ۽ انهن ۾ شريڪ ٿين. هن چيو ته هڪ منٽ جي خاموشي اختيار ڪئي وڃي، ان ڏينهن جون مذمتي قراردادون قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ مان منظور ڪرايون وينديون، صوبن ۾ به جتي اجلاس هلي رهيا آهن اهي به قراردادون پاس ڪرائين. امير مقام چيو ته حق جي ويڙهه کانپوءِ هڪ جذبو پيدا ٿيو ته گڏيل قومن جي قراردادن موجب ڪشميرين کي سندن حق ملي. هن سمورين پارٽين ۽ هر طبقي کي اپيل ڪئي ته هو ان ريلي ۾ شريڪ ٿين، ڀارت کي ڪشميرين کي حق خوداراديت ڏيڻو پوندو. هن چيو ته والاريل ڪشمير ۾ ڪشميري قيادت کي جيلن ۾ بند ڪيو ويو آهي، ڪيترن ئي اڳواڻن کي شهيد ڪيو ويو پر ڪشميرين جو جذبو جوان آهي، کين آزادي ضرور ملندي. ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس آزاد ڪشمير شاخ جي ڪنوينئر غلام محمد صفي پاڪستان حڪومت جو ٿورو مڃيو.











