پاڪستان ۽ چين جي پرڏيهي وزارت جي ترجمانن جي ڳالهه ٻولهه جو ٽيون دور اسلام آباد ۾ منعقد

اسلام آباد - 26 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ چين ٻنهي ملڪن جي پرڏيهي وزارت جي وچ ۾ تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ، ميڊيا رابطا مضبوط بڻائڻ ۽ عوامي سفارتڪاري جي ذريعي گڏيل افهام تفهيم ۽ پراڻي دوستي کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب پاڪستان ۽ چين جي پرڏيهي وزارت جي ترجمانن جي ڳالهه ٻولهه جو ٽيون …

اسلام آباد – 26 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ چين ٻنهي ملڪن جي پرڏيهي وزارت جي وچ ۾ تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ، ميڊيا رابطا مضبوط بڻائڻ ۽ عوامي سفارتڪاري جي ذريعي گڏيل افهام تفهيم ۽ پراڻي دوستي کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب پاڪستان ۽ چين جي پرڏيهي وزارت جي ترجمانن جي ڳالهه ٻولهه جو ٽيون دور سومر ڏينهن اسلام آباد ۾ منعقد ٿيو جنهن ۾ پاڪستان جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان سفير سجاد حيدر خان ۽ چين جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان مائوننگ شرڪت ڪئي. ڳالهه ٻولهه ۾ ٻنهي ملڪن جي پرڏيهي وزارت جي وچ ۾ تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ خاص طور تي ميڊيا سان رابطن، اسٽريٽجڪ ڪميونيڪشن ۽ عوامي سفارتڪاري جي شعبن تي ڌيان ڏنوويو. ٻنهي ڌرين گڏيل افهام تفهيم جي فروغ ۽ پاڪستان ۽  چين جي وچ ۾ پراڻي دوستي کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ جي لاءِ ويجهي رابطي، باقاعده مشاورت ۽ مٽاسٽا ۾ اضافي جي اهميت تي زور ڀريو. دوري دوران چيني پرڏيهي وزارت جي ترجمان مائوننگ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان پڻ ملاقات ڪئي جنهن ۾ پاڪستان ۾ چين جي سفير پڻ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ گڏيل اعتماد، احترام ۽ هڪ ٻئي جي اڻٿڪ حمايت تي ٻڌل هر موسم ۾ قائم رهندڙ اسٽريٽجڪ تعاون تي ٻڌل حصيداري کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پاڪستان جي پختي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن ٻطرفي لاڳاپن کي اڳتي وڌائڻ ۽ عوامي سطح تي ويجهي رابطي جي فروغ جي لاءِ ميڊيا تعاون، اسٽريٽجڪ ڪميونيڪشن ۽ عوامي سفارتڪاري کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي اهميت تي زور ڏنو. ٻنهي ڌرين پنهنجي پنهنجي پرڏيهي وزارت جي وچ ۾ جاري تعاون تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ ترجمانن جي ڳالهه ٻولهه جي طريقيڪار تحت ويجهي رابطي ۽ باقاعده رابطو برقرار رکڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. واضح رهي ته پاڪستان ۽ چين جي پرڏيهي وزارت جي ترجمانن جي ڳالهه ٻولهه جو ٻيور دور آڪٽوبر 2022ع ۾ ورچوئل طور منعقد ٿيو هو.

مزید خبریں