ڪراچي-26 آڪٽوبر (اي پي پي) سنڌ جي چوپائي مال ۽ ماهيگيري واري وزير محمد علي ملڪاڻي اڳوڻي آرمي چيف جنرل (ر) عبدالوحيد ڪاڪڙ جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ هن چيو ته جنرل (ر) عبدالوحيد ڪاڪڙ جي وفات سان پاڪستان هڪ عظيم ۽ مدبر فوجي ڪمانڊر کان محروم ٿي ويو آهي. مرحوم ڏکين حالتن ۾ ملڪ کي آئيني ۽ دفاعي استحڪام …
صوبائي وزير محمد علي ملڪاڻي پاران اڳوڻي آرمي چيف جنرل (ر) عبدالوحيد ڪاڪڙ جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار

مزید خبریں
ڪراچي-26 آڪٽوبر (اي پي پي) سنڌ جي چوپائي مال ۽ ماهيگيري واري وزير محمد علي ملڪاڻي اڳوڻي آرمي چيف جنرل (ر) عبدالوحيد ڪاڪڙ جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ هن چيو ته جنرل (ر) عبدالوحيد ڪاڪڙ جي وفات سان پاڪستان هڪ عظيم ۽ مدبر فوجي ڪمانڊر کان محروم ٿي ويو آهي. مرحوم ڏکين حالتن ۾ ملڪ کي آئيني ۽ دفاعي استحڪام فراهم ڪرڻ ۾ تاريخي ڪردار ادا ڪيو.صوبائي وزير ڏکويل خاندان سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪندي دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم جي مغفرت فرمائي، کيس جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا ڪري ۽ وارثن کي صبر عطا فرمائي. آمين.











