حيدرآباد - 26 آڪٽوبر(اي پي پي) سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام تعليمي سال 2026ع جي ٻئي سيمسٽر جي باقاعده امتحانن جو شيڊيول جاري ڪري ڇڏيو آهي، جنهن موجب امتحان 5 نومبر کان شروع ٿيندا، امتحانن واري ڪنٽرولر پاران جاري ڪيل پڌرائيءَ موجب امتحانن ۾ يونيورسٽيءَ جي مک ڪيمپس ٽنڊوڄام سميت ان جي لاڳاپيل تعليمي ادارن، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ايگريڪلچرل ڪاليج ڏوڪري. خيرپور ڪاليج آف ايگريڪلچر اينڊ مئنيجمينٽ سائنسز ۽ سنڌ زرعي يونيورسٽيءَ جي …
سنڌ زرعي يونيورسٽيءَ جا ٻئي سيمسٽر جا امتحان 5 نومبر کان شروع ٿيندا

مزید خبریں
حيدرآباد – 26 آڪٽوبر(اي پي پي) سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام تعليمي سال 2026ع جي ٻئي سيمسٽر جي باقاعده امتحانن جو شيڊيول جاري ڪري ڇڏيو آهي، جنهن موجب امتحان 5 نومبر کان شروع ٿيندا، امتحانن واري ڪنٽرولر پاران جاري ڪيل پڌرائيءَ موجب امتحانن ۾ يونيورسٽيءَ جي مک ڪيمپس ٽنڊوڄام سميت ان جي لاڳاپيل تعليمي ادارن، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ايگريڪلچرل ڪاليج ڏوڪري. خيرپور ڪاليج آف ايگريڪلچر اينڊ مئنيجمينٽ سائنسز ۽ سنڌ زرعي يونيورسٽيءَ جي سب ڪيمپس عمرڪوٽ جي سڀني ڪلاسن جا انڊرگريجوئيٽ شاگرد حصو وٺندا، پڌرائيءَ ۾ شاگردن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته اهي پنهنجا امتحاني فارم عام فيس سان 30 آڪٽوبر تائين جمع ڪرائين، جڏهن ته 2 کان 4 نومبر تائين فارم ليٽ فيس سان جمع ڪرائي سگهبا. پڌرائيءَ موجب امتحانن ۾ ويهڻ لاءِ ايڊمٽ ڪارڊ جاري ڪرائڻ خاطر گهٽ ۾ گهٽ 75 سيڪڙو حاضري لازمي قرار ڏني وئي آهي، يونيورسٽي انتظاميا شاگردن کي هدايت ڪئي آهي ته اهي آخري تاريخ کان اڳ امتحاني فارم ۽ ٻيون ضروري ڪارروائيون مڪمل ڪن، جيئن ڪنهن به تڪليف کان بچي امتحانن ۾ شرڪت يقيني بڻائي سگهجي.











