خيبر پختونخوا جي گورنر پاران پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم کي انگلينڊ خلاف فتح تي مبارڪون

پشاور- 26 آڪٽوبر (اي پي پي)  خيبر پختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي سومر تي پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي انگلينڊ خلاف سنسني خيز  فتح تي قومي ٽيم کي مبارڪون ڏنيون آهن.  گورنر هائوس پشاور جي ترجمان مطابق گورنر جو چوڻ آهي ته آخري وڪيٽ تي شاندار ڀائيواري قائم ڪندي پاڪستان کي فتح ڏيارڻ تي شاداب خان ۽ حارث رئوف خراج تحسين جا مستحق آهن. هن چيو ته شاداب خان جي …

پشاور- 26 آڪٽوبر (اي پي پي)  خيبر پختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي سومر تي پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي انگلينڊ خلاف سنسني خيز  فتح تي قومي ٽيم کي مبارڪون ڏنيون آهن.  گورنر هائوس پشاور جي ترجمان مطابق گورنر جو چوڻ آهي ته آخري وڪيٽ تي شاندار ڀائيواري قائم ڪندي پاڪستان کي فتح ڏيارڻ تي شاداب خان ۽ حارث رئوف خراج تحسين جا مستحق آهن. هن چيو ته شاداب خان جي ناقابل شڪست سينچري ۽ حارث رئوف سان يادگار ڀائيواري پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم جي تاريخ جو فخر جوڳو لمحو آهي. هن چيو ته ڏکي صورتحال ۾ همت نه هارڻ قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي عزم، حوصلي ۽ جذبي جي عڪاسي ڪري ٿي. هن چيو ته قومي رانديگرن ثابت ڪيو ته محنت، لگن ۽ خود اعتمادي سان ڏکئي کان ڏکيا هدف به حاصل ڪري سگهجن ٿا. هن شاهين شاه آفريدي ۽ ٻين بالرن  جي عمده ڪارڪردگي جو مطاهرو ڪرڻ تي پاڪستان جي فتح ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. هن اميد ظاهر ڪئي پاڪستاني رانديگر پنهنجي بهترين ڪارڪردگي سبب ملڪ ۽ قوم جو نالو روشن ڪندا رهندا.

مزید خبریں