ڪوئيٽا- 26 آڪٽوبر (اي پي پي) بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي انگلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيم خلاف هڪ وڪيٽ تان ڪاميابي تي قومي ڪرڪيٽ ٽيم کي مبارڪون ڏيندي چيو آهي ته پاڪستاني رانديگرن مشڪل صورتحال ۾ غير معمولي حوصلي، مهارت ۽ آخري وقت تائين مقابلو ڪرڻ جي جذبي جو مظاهرو ڪيو . وزيراعليٰ هائوس جي سيڪريٽري آفيس کان جاري بيان ۾ هن چيو ته سنسني خيز مقابلي ۾ قومي …
بلوچستان جي وڏي وزير پاران قومي ڪرڪيٽ ٽيم کي مبارڪون

مزید خبریں
ڪوئيٽا- 26 آڪٽوبر (اي پي پي) بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي انگلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيم خلاف هڪ وڪيٽ تان ڪاميابي تي قومي ڪرڪيٽ ٽيم کي مبارڪون ڏيندي چيو آهي ته پاڪستاني رانديگرن مشڪل صورتحال ۾ غير معمولي حوصلي، مهارت ۽ آخري وقت تائين مقابلو ڪرڻ جي جذبي جو مظاهرو ڪيو . وزيراعليٰ هائوس جي سيڪريٽري آفيس کان جاري بيان ۾ هن چيو ته سنسني خيز مقابلي ۾ قومي ٽيم جي ڪاميابي رانديگرن جي محنت، عزم ۽ ٽيم ورڪ جو نتيجو آهي. دٻاءَ باوجود اعتماد ۽ يڪجهتي سان راند جاري رکڻ، قومي رانديگرن جي صلاحيتن جو ثبوت آهي. مير سرفراز بگٽي شاداب خان جي شاندار سينچري کي ساراهيندي چيو ته سندس عمده اننگز پاڪستان جي ڪاميابي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو جڏهن ته حارث سان گڏ آخري وڪيٽ تي فيصلائتي حصيداري ميچ جو رخ بدلائي قومي ٽيم کي يادگار فتح ڏياري. بلوچستان جي وزيراعليٰ چيو ته قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ان ڪاميابي سڄي ملڪ ۾ ڪرڪيٽ جي مداحن کي خوشي جو موقعو فراهم ڪيو. راند جي ميدان ۾ رانديگرن جو جذبو، ثابت قدمي ۽ اجتماعي جدوجهد نوجوانن لاءِ هڪ مثبت مثال آهي ۽ اهو پيغام ڏي ٿي ته مشڪل حالتن ۾ حوصلو برقرار رکندي ڪاميابي حاصل ڪي سگهجي ٿي. وزيراعلى مير سرفراز بگٽي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين محسن نقوي ۽ قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي رانديگرن لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي اميد ظاهر ڪئي ته پاڪستاني ٽيم مستقبل ۾ به ملڪ جو نالو روشن ڪندي.











