پي سي بي پاران وومينز سپر ٿري ٽي – ٽوئنٽي ٽورنامينٽ جو اعلان

لاهور- 26 آڪٽوبر (اي پي پي)  پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ وومينز ڪرڪيٽرز جي صلاحيتن کي نکارڻ  ۽ کين وڌيڪ موقعا فراهم ڪرڻ لاءِ پي سي بي وومينز سپر ٿري ٽي -ٽوئنٽي ٽورنامينٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ٽورنامينٽ (سڀاڻي) 28 آڪٽوبر کان 5 نومبر تائين فيصل آباد ۾ کيڏيو ويندو، جنهن جون 7 ميچز اقبال اسٽيڊيم ۾ کيڏيون وينديون.  پي سي بي ترجمان مطابق ٽورنامينٽ ۾ مجموعي طور تي 39 وومينز ڪرڪيٽرز شرڪت ڪنديون، …

لاهور- 26 آڪٽوبر (اي پي پي)  پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ وومينز ڪرڪيٽرز جي صلاحيتن کي نکارڻ  ۽ کين وڌيڪ موقعا فراهم ڪرڻ لاءِ پي سي بي وومينز سپر ٿري ٽي -ٽوئنٽي ٽورنامينٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ٽورنامينٽ (سڀاڻي) 28 آڪٽوبر کان 5 نومبر تائين فيصل آباد ۾ کيڏيو ويندو، جنهن جون 7 ميچز اقبال اسٽيڊيم ۾ کيڏيون وينديون.  پي سي بي ترجمان مطابق ٽورنامينٽ ۾ مجموعي طور تي 39 وومينز ڪرڪيٽرز شرڪت ڪنديون، جن کي چيمپيئنز، انڪريڊيبلز ۽ واريئرز جي 3 ٽيمن ۾ ورهايو ويو آهي. هر ٽيم 13 رانديگرياڻين تي ٻڌل هوندي. طوبه حسن چيمپيئنز، گل فيروزها نڪريڊيبلز جڏهن ته منيبه علي واريئرز جي قيادت ڪنديون. پي سي بي موجب ٽورنامينٽ جون سموريون ميچون ٽيپ ميڊ ۽ تماشا تي سڌي ريت اسٽريم ڪيون وينديون جڏهن ته فائينل پي ٽي وي اسپورٽس  تي سڌي ريت نشر ٿيندي. ٽورنامينٽ جي فاتح ٽيم کي 15 لک روپين جي انعامي رقم ڏني ويندي جڏهن ته رنرز اپ ٽيم کي 10 لک روپين جو انعام ڏنو ويندو. ان ڊوميسٽڪ ايونٽ جو مقصد وومينز ڪرڪيٽرز کي هڪجهڙا موقعا فراهم ڪرڻ ۽ انهن جي صلاحيتن کي بهتر بڻائڻ ۾ مدد ڏيڻ آهي.

مزید خبریں