ريوڊي جنيرو- 26 آڪٽوبر (اي پي پي) برازيل جو موجوده صدر لوئيزا ناسيو لولاڊاسلوا آچر تي صدارتي چونڊن جي ٻئي مرحلي ۾ ڪاميابي حاصل ڪندي چوٿون ڀيرو صدر چونڊجڻ جو اعزاز حاصل ڪري ورتو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق هن لبرل پارٽي جي اميدوار فلاويوبولسونارو کي شڪست ڏني، جيڪو پهرين مرحلي ۾ اڳتي هو. آڪٽوبر 1945ع ۾ برازيل جي اتر اوڀر واري علائقي ۾ هڪ غريب ڳوٺ جي خاندان ۾ پيدا …
برازيل جو صدر لوئيزا ناسيو لولاڊاسلوا چوٿون ڀيرو صدر چونڊجي ويو

مزید خبریں
ريوڊي جنيرو- 26 آڪٽوبر (اي پي پي) برازيل جو موجوده صدر لوئيزا ناسيو لولاڊاسلوا آچر تي صدارتي چونڊن جي ٻئي مرحلي ۾ ڪاميابي حاصل ڪندي چوٿون ڀيرو صدر چونڊجڻ جو اعزاز حاصل ڪري ورتو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق هن لبرل پارٽي جي اميدوار فلاويوبولسونارو کي شڪست ڏني، جيڪو پهرين مرحلي ۾ اڳتي هو. آڪٽوبر 1945ع ۾ برازيل جي اتر اوڀر واري علائقي ۾ هڪ غريب ڳوٺ جي خاندان ۾ پيدا ٿيل لوئيزا ناسيو لولاڊاسلوا 7 ڀينرن ۽ ڀائرن ۾ ستين نمبر تي هو. هن 1970ع جي ڏهاڪي جي شروع ۾ مزدور يونين جي اڳواڻ طور شهرت حاصل ڪئي ۽ غريب طبقي جو آواز بڻجي اڀريو. هو فوجي حڪومت خلاف جدوجهد ۾ به اڳتي رهيو. 1980ع ۾ هن ورڪرز پارٽي جو گڏيل بنياد رکيو. 2002ع جي صدارتي چونڊن ۾ وڏي اڪثريت سان ڪاميابي بعد لولاڊاسلوا برازيل جو پهريون ڀيرو صدر بڻجي ويو جنهن جو تعلق مزدور طبقي سان هو. 2006ع ۾ هو ٻيهر صدر چونڊيو. لولاڊاسلوا 2022ع ۾ ٻيهر صدارتي چونڊ وڙهيو ۽ ان وقت جي صدر زائير بولسونارو کي شڪست ڏئي ڪاميابي حاصل ڪئي. اهڙي طرح هو برازيل ۾ عوامي ووٽن سان ٽي ڀيرا صدر چونڊجندڙ پهريون اڳواڻ بڻجي ويو. لولاڊاسلوا 5 جنوري 2027ع تي پنهنجي چوٿين 4 ساله صدارتي مدي جي شروعات ڪندو.











