رياض- 26 آڪٽوبر (اي پي پي) سعودي عرب جي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان رياض ۾ يونان جي وزيراعظم جي آجيان ڪئي. پرڏيهي ميڊيا مطابق يونان جي وزيراعظم لاءِ قصر يمامه ۾ باضابطه آجيان واري تقريب منعقد ڪئي وئي بعد ۾ باضابطه ملاقات ٿي. ملاقات ۾ سعودي عرب ۽ يونان جي لاڳاپن، گڏيل سهڪار جي امڪانن سان مختلف شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ جي طريقن جو جائزو ورتو …
سعودي عرب جي ولي عهد سان يونان جي وزيراعظم جي ملاقات، توانائي ۽ سيڙپڪاري ۾ سهڪار وڌائڻ جو عزم

مزید خبریں
رياض- 26 آڪٽوبر (اي پي پي) سعودي عرب جي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان رياض ۾ يونان جي وزيراعظم جي آجيان ڪئي. پرڏيهي ميڊيا مطابق يونان جي وزيراعظم لاءِ قصر يمامه ۾ باضابطه آجيان واري تقريب منعقد ڪئي وئي بعد ۾ باضابطه ملاقات ٿي. ملاقات ۾ سعودي عرب ۽ يونان جي لاڳاپن، گڏيل سهڪار جي امڪانن سان مختلف شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ جي طريقن جو جائزو ورتو ويو. ٻنهي اڳواڻن علائقائي ۽ عالمي صورتحال تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. علائقائي ۽ عالمي سيڪيورٽي ۽ استحڪام کي مضبوط بڻائڻ جي حوالي سان ڪوششن ۾ هم آهنگي تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. پرڏيهي ميڊيا مطابق ٻنهي اڳواڻن توانائي، سيڙپڪاري ۽ ڊيجيٽل رابطن جي شعبن ۾ سهڪار کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.











