ڏکڻ ڪوريا ۽ آمريڪا جون گڏيل فضائي مشقون شروع

سيئول- 26 آڪٽوبر (اي پي پي) ڏکڻ ڪوريا ۽ آمريڪا جي فوج گڏيل فضائي مشقن ”فريڊم فليگ“ جي شروعات ڪري ڇڏي آهي جن ۾ جنگي، چر پر ۽ جاسوسي وارا جهاز حصو وٺي رهيا آهن. پرڏيهي ميڊيا مطابق ٻه هفتا جاري رهندڙ اهي مشقون سومر تي ڏکڻ ڪوريا جي شهر گنسان ۾ واقع ڪنسان ايئربيس تي شروع ٿيون جيڪا گادي واري شهر سيئول کان اٽڪل 180 ڪلوميٽر ڏکڻ اولهه ۾ …

سيئول- 26 آڪٽوبر (اي پي پي) ڏکڻ ڪوريا ۽ آمريڪا جي فوج گڏيل فضائي مشقن ”فريڊم فليگ“ جي شروعات ڪري ڇڏي آهي جن ۾ جنگي، چر پر ۽ جاسوسي وارا جهاز حصو وٺي رهيا آهن. پرڏيهي ميڊيا مطابق ٻه هفتا جاري رهندڙ اهي مشقون سومر تي ڏکڻ ڪوريا جي شهر گنسان ۾ واقع ڪنسان ايئربيس تي شروع ٿيون جيڪا گادي واري شهر سيئول کان اٽڪل 180 ڪلوميٽر ڏکڻ اولهه ۾ آهي. مشقن ۾ ڏکڻ ڪوريا جا ايف 15 ڪي، ڪي ايف 16 ۽ ايف 35 اي جنگي جهازن کان علاوه ڪي سي 330 ٽرانسپورٽ جهاز ۽ اي 737 فائٽنگ فالڪن جنگي جهاز ۽ آر سي 135 جاسوس جهاز کان علاوه آمريڪي بحريه جو ايم ايڇ 60 ايس سي هاڪ هيليڪاپٽر به مشقن ۾ شريڪ آهي. آمريڪي ميرين ڪور جو ايف 35 بي اسٽيلٿ جنگي جهاز ۽ ايم ڪيو 9 ريپر پائلٽ کانسواءِ نگراني ڪندڙ جهاز به انهن مشقن ۾ حصو وٺي رهيا آهن. رپورٽ مطابق فريڊم فليگ جي ڇهه ماهي فضائي مشقن جي شروعات 2024ع ۾ ٿي هئي. هلندڙ سال اهي مشقون 26 آڪٽوبر کان 6 نومبر تائين ڪنسان ايئربيس تي جاري رهنديون.

مزید خبریں