ميانمار ۾ بس جو وين کي ٽڪر، 6 ڄڻا فوت، 12 زخمي

ينگون- 25 آڪٽوبر (اي پي پي) ميانمار جي علائقي منڊالي ۾ بس بريڪ فيل ٿيڻ سبب حادثي جو شڪار ٿي وئي جنهن جي نتيجي ۾ 6 ڄڻا فوت ۽ 12 زخمي ٿي پيا. پرڏيهي ميڊيا مطابق ميانمار جي فائر سروسز کاتي ٻڌايو ته اهو حادثو گذريل ڏينهن شام جو 6 لڳي 5 منٽن تي پن اولون ٽائون شپ منڊالا ويندڙ روڊ تي ان وقت پيش آيو جڏهن پن اولون کان …

ينگون- 25 آڪٽوبر (اي پي پي) ميانمار جي علائقي منڊالي ۾ بس بريڪ فيل ٿيڻ سبب حادثي جو شڪار ٿي وئي جنهن جي نتيجي ۾ 6 ڄڻا فوت ۽ 12 زخمي ٿي پيا. پرڏيهي ميڊيا مطابق ميانمار جي فائر سروسز کاتي ٻڌايو ته اهو حادثو گذريل ڏينهن شام جو 6 لڳي 5 منٽن تي پن اولون ٽائون شپ منڊالا ويندڙ روڊ تي ان وقت پيش آيو جڏهن پن اولون کان منڊالا ويندڙ هڪ بس جو بريڪ فيل ٿيڻ بعد اها سامهون کان ايندڙ وين سان ٽڪرائجي وئي جنهن سبب بس روڊ جي پاسي ۾ 50 فوٽ اونهي کڏ ۾ ڪري پئي، حادثي جو اطلاع ملندي ئي مقامي فائر فائٽرز ۽ امدادي اهلڪار موقعي تي پهچي ويا ۽ امدادي ڪارروائيون شروع ڪري ڇڏيون. حادثي ۾ وين جو ڊرائيور ۽ بس ۾ سوار 5 ڄڻا فوت ٿي ويا ۽ 12 زخمي ٿي پيا جن کي طبي امداد لاءِ اسپتالن ڏانهن منقتل ڪيو ويو آهي. حادثي وقت بس ۾ 29 مسافر سوار هئا.

مزید خبریں