چين ريموٽ سينسنگ سيٽلائٽس جا ٻه گروپ خلا ۾ موڪلي ڇڏيا

بيجنگ- 24 آڪٽوبر (اي پي پي) چين جي جيو ڪوان سيٽلائٽ لانچ سينٽر مان ريموٽ سينسنگ سيٽلائٽس جا ٻه گروپ خلا ۾ روانو ڪري ڇڏيا، جيڪي ڪاميابي سان پنهنجي مقرر ڪيل مدار ۾ داخل ٿي ويا آهن. پرڏيهي ميڊيا مطابق يائوگان 53 گروپ جي سيٽلائٽس 7 کان 9 تائين ۽ يائوگان 56 گروپ جي سيٽلائٽس 19 کان 21 تائين کي بيجنگ وقت مطابق ڇنڇر جي صبح 3 لڳي 25 منٽن …

بيجنگ- 24 آڪٽوبر (اي پي پي) چين جي جيو ڪوان سيٽلائٽ لانچ سينٽر مان ريموٽ سينسنگ سيٽلائٽس جا ٻه گروپ خلا ۾ روانو ڪري ڇڏيا، جيڪي ڪاميابي سان پنهنجي مقرر ڪيل مدار ۾ داخل ٿي ويا آهن. پرڏيهي ميڊيا مطابق يائوگان 53 گروپ جي سيٽلائٽس 7 کان 9 تائين ۽ يائوگان 56 گروپ جي سيٽلائٽس 19 کان 21 تائين کي بيجنگ وقت مطابق ڇنڇر جي صبح 3 لڳي 25 منٽن تي لانگ مارچ 4 بي ڪيريئر راڪيٽ ذريعي خلا ۾ موڪليو ويو، جيڪي ڪاميابي سان پنهنجي مقرر ڪيل مدار ۾ داخل ٿي ويا. اهي سيٽلائٽس بنيادي طور تي سائنسي تجربن، زمين ۽ قدرتي وسيلن جي سروي، فصلن جي پيداوار جو اندازو لڳائڻ ۽ آفتن جي روڪٿام ۽ نقصانن ۾ گهٽتائي لاءِ استعمال ڪيا ويندا. اهو لانگ مارچ ڪيريئر راڪيٽ سيريز جو 673 هون مشن هو.

مزید خبریں