گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل پاران اردن ۾ گرجاگهر تي دهشتگرد حملي جي مذمت

گڏيل قومون- 24 آڪٽوبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيوگوتريش اردن جي ڏکڻ واري گورنريٽ ڪرڪ ۾ گرجاگهر اندر جنازي دوران ٿيل دهشتگرد حملي جي مذمت ڪئي آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق گڏيل قومن جي ترجمان اسٽيفن دوجارڪ بيان ۾ چيو ته سيڪريٽري جنرل ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته شهرين ۽ عبادتگاهن تي حملا قبول جوڳا ناهن. عبادتگاهون امن جو مرڪز هجڻ گهرجن ۽ انهن کي هر …

گڏيل قومون- 24 آڪٽوبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيوگوتريش اردن جي ڏکڻ واري گورنريٽ ڪرڪ ۾ گرجاگهر اندر جنازي دوران ٿيل دهشتگرد حملي جي مذمت ڪئي آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق گڏيل قومن جي ترجمان اسٽيفن دوجارڪ بيان ۾ چيو ته سيڪريٽري جنرل ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته شهرين ۽ عبادتگاهن تي حملا قبول جوڳا ناهن. عبادتگاهون امن جو مرڪز هجڻ گهرجن ۽ انهن کي هر هڪ لاءِ محفوظ هجڻ گهرجي. انتونيوگوتريش زور ڀريو ته حملي جي ذميوارن جو پتو لڳائي کين انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي. ترجمان مطابق سيڪريٽري جنرل متاثرن جي ڪٽنب ڀاتين سان تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ زخمين جي جلدي صحتيابي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ترجمان چيو ته گڏيل قومون اردن جي حڪومت ۽ عوام سان گڏ بيٺل آهي.

مزید خبریں