لاهور- 23 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) جي چيئرمين محسن نقوي جي صدارت هيٺ ايڇ بي ايل پاڪستان سپر ليگ جي گورننگ ڪائونسل جو اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ پي سي بي چيئرمين، پي ايس ايل جي سي اي او سلمان نصير، فرنچائزز جي نمائندن ۽ ٻين آفيشلز شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ايڇ بي ايل پي ايس ايل 12 جي حوالي سان اهم فيصلا ڪيا …
پي سي بي چيئرمين محسن نقوي جي صدارت ۾ ايڇ بي ايل پاڪستان سپر ليگ جي گورننگ ڪائونسل جو اجلاس

مزید خبریں
لاهور- 23 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) جي چيئرمين محسن نقوي جي صدارت هيٺ ايڇ بي ايل پاڪستان سپر ليگ جي گورننگ ڪائونسل جو اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ پي سي بي چيئرمين، پي ايس ايل جي سي اي او سلمان نصير، فرنچائزز جي نمائندن ۽ ٻين آفيشلز شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ايڇ بي ايل پي ايس ايل 12 جي حوالي سان اهم فيصلا ڪيا ويا. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ايڇ بي ايل پي ايس ايل 12 لاءِ ڊائريڪٽ سائننگ جو عمل 23 آڪٽوبر کان 23 نومبر جي وچ ڌاري ٿيندو. هر فرناچائز هڪ رانديگر کي سڌي ريت سائن ڪري سگهندي، جڏهن ته سڌي ريت سائننگ لاءِ اهو شرط به لاڳو ڪيو ويو آهي ته لاڳاپيل رانديگر پي ايس ايل جي گذريل ٻن سيزن ۾ شرڪت نه ڪئي هجي. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته ايڇ بي ايل پي ايس ايل 12 جي رانديگرن جي چونڊ 23 جنوري تي ٿيندي، جڏهن ته ليگ 18 مارچ کان 2 مئي تائين ملڪ جي پنج کان 6 شهرن ۾ کيڏي ويندي، پي ايس ايل جي تيارين جي سلسلي ۾ ايندڙ هفتي ڪرڪيٽ ورڪشاپ به منعقد ڪيو ويندو، ان کانسواءِ ايڇ بي ايل پي ايس ايل کان اڳ نيشنل ٽي ٽوئنٽي ڪپ جا گولڊ ۽ سلور ايونٽس به منعقد ڪيا ويندا. پي سي بي چيئرمين چيو ته ايڇ بي ايل پي ايس ايل پاڪستان ۾ ڪرڪيٽ جو سڀ کان وڏو اسٽيج آهي، 11 هين سيزن جي پڄاڻي رڪارڊ تماشائين جي موجودگي ۾ ٿي ۽ هاڻي انهي مومينٽم کي اڳتي وٺي هلنداسين. سندس چوڻ هو ته هن ڀيري پي ايس ايل کي وڌيڪ شهرن ۾ کڻي وينداسين ته جيئن ملڪ ۾ ڪرڪيٽ کي هٿي ۽ شوقينن کي وڌ کان وڌ مقابلو ڏسڻ جا موقعا فراهم ڪري سگهجن. سي اي او پي ايس ايل سلمان نصير چيو ته اڄ کان هر فرنچائز لاءِ ايڇ بي ايل پي ايس ايل 12 جو بهترين اسڪواڊ جوڙڻ جي ڊوڙ شروع ٿي وئي آهي، سڌي ريت سائننگ ۽ رانديگرن جي آڇ جا مرحلا فرنچائز کي پنهنجون ٽيمون مضبوط بڻائڻ جا موقعا فراهم ڪندا.











