چين جي علائقي تبت ۾ زلزلي سبب ڪيترائي گهر ڊهي پيا، 16 فوت، 54 ڄڻا زخمي، هنگامي امدادي ڪارروائيُون جاري

بيجنگ- 23 آڪٽوبر (اي پي پي) چين جي علائقي تبت ۾ آيل شديد زلزلي جي نتيجي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 16 ڄڻا فوت ۽ 54 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا جڏهن ته ڪيترائي گهر به ڊهي پيا آهن. پرڏيهي ميڊيا مطابق خميس ۽ جمعي جي وچ واري رات جو آيل زلزلي جي شدت 7.0 هئي. ميڊيا رپورٽن مطابق تبت جي اترئين شهر ناگچو ۾ گهٽ ۾ گهٽ 339 گهر ڊهي …

بيجنگ- 23 آڪٽوبر (اي پي پي) چين جي علائقي تبت ۾ آيل شديد زلزلي جي نتيجي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 16 ڄڻا فوت ۽ 54 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا جڏهن ته ڪيترائي گهر به ڊهي پيا آهن. پرڏيهي ميڊيا مطابق خميس ۽ جمعي جي وچ واري رات جو آيل زلزلي جي شدت 7.0 هئي. ميڊيا رپورٽن مطابق تبت جي اترئين شهر ناگچو ۾ گهٽ ۾ گهٽ 339 گهر ڊهي پيا آهن ۽ متاثر علائقن ۾ امدادي ڪارروائيون جاري آهن. اهي خدشا به ظاهر ڪيا پيا وڃن ته فوتين جي انگ ۾ اضافو ٿي سگهي ٿو ڇو جو ملبي هيٺان ماڻهو دٻيل ٿي سگهن ٿا. اهو به ٻڌايو ويو آهي ته امدادي ڪارروائين ۾ هڪ هزار 600 کان وڌيڪ ڪارڪن شريڪ آهن جڏهن ته متاثرن لاءِ هڪ هزار عارضي گهر، اٽڪل ٽي هزار خيما ۽ ٻيو سامان موڪليو ويو آهي جنهن ۾ فولڊنگ بيڊز، کاڌي پيتي جون شيون، ٽارچز ۽ ٿڌ کان بچڻ لاءِ ڪپڙا وغيره به موجود آهن. آمريڪي جيولاجيڪل سروس مطابق زلزلو مقامي وقت مطابق رات جو 10 لڳي 33 منٽن تي آيو، جنهن جو مرڪز ناگچو شهر کان 191 ڪلوميٽر اتر اوڀر ۾ هو جڏهن ته زمين هيٺ ان جي اونهائي 18 ڪلوميٽر رڪارڊ ڪئي وئي. رپورٽس مطابق وڏي زلزلي بعد 4.3 ۽ 5.2 جا گهٽ ۾ گهٽ 7 آفٽر شاڪس به اچي چڪا آهن.  جڏهن ته 7.0 شدت جي زلزلي بعد اختيارين قومي سطح تي هنگامي ردعمل جو درجو 4 مان 3 ڪيو ويو آهي. جڏهن ته امدادي ڪارروائين لاءِ 350 اهلڪار ۽ 83 گاڏيون روانيون ڪيون ويون آهن. زلزلي جي نتيجي ۾ 16 ڄڻا فوت ۽ 54 زخمي ٿي پيا. پرڏيهي خابرو اداري مطابق چين جي رياستي ڪائونسل جي زلزلي بابت امدادي هيڊڪوارٽرز ۽ هنگامي انتظام بابت وزارت جمعي تي هنگامي ردعمل جو درجو وڌائڻ جو اعلان ڪيو. اختيارين امدادي سرگرمين جي نگراني ۽ سهڪار لاءِ هڪ خاص ٽيم به متاثر علائقي ۾ موڪلي آهي. جڏهن ته چين جي صدر شي پنگ زلزلي بعد لاپتا ماڻهن جي ڳولا ۽ امداد لاءِ ڀرپور ڪارروائيون ڪرڻ ۽ زخمين کي فوري طبي امداد فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. صدر شي جن پنگ اختيارين کي هدايت ڪئي آهي ته زلزلي سبب جاني نقصان گهٽ ۾ گهٽ رکڻ لاءِ سمورا دستياب وسيلا استعمال ڪيا ويندا. زلزلو خميس جي رات جو 10 لڳي 33 منٽن تي شهر ناگچو جي باقين ڪائونٽي ۾ آيو. صدر شي جن پنگ جيڪو ڪميونسٽ پارٽي آف چائنا جي مرڪزي ڪميٽي جو جنرل سيڪريٽري ۽ مرڪزي فوجي ڪميشن جو چيئرمين به آهي چيو آهي ته متاثر علائقن ۾ گرمي پد گهٽ آهي، ان ڪري زلزلي کان پوءِ امڪاني آفٽر شاڪس ۽ موسمي حالتن تي نظر رکي وڃي ته جيئن وڌيڪ آفت کان بچي سگهجي. هن متاثر ماڻهن لاءِ مناسب رهائش جو انتظام ڪرڻ، تباهه ٿيل بنيادي ڍانچي جي جلد بحالي ۽ شهرين جي جان ۽ مال جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ تي به زور ڀريو. چين جي وزيراعظم لي چيانگ به آفتن کان بچاءَ ۽ هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ بهتر قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي آهي. رپورٽ موجب هنگامي انتظامن بابت وزارت ۽ تبت جي ڄاڻايل اختيارين زلزلي متاثرن جي ڳولا، امداد ۽ بحالي لاءِ وسيلا متحرڪ ڪيا آهن.

مزید خبریں