گڏيل قومون- 23 آڪٽوبر(اي پي پي)گڏيل قومن سڄي دنيا ۾ پکڙجندڙ تڪرارن کي روڪڻ، شهرين جو تحفظ يقيني بڻائڻ ۽ سفارتڪاري ذريعي امن قائم ڪرڻ لاءِ اثرائتن قدمن تي زور ڀريندي خبردار ڪيو آهي ته جنگين جا معاشي اثر جنگ جي ميدان کان پري تائين پکڙجي رهيا آهن. پرڏيهي ميڊيا مطابق گڏيل قومن جي هيڊڪوارٽرز نيويارڪ ۾ صحافين سان ڳالهائيندي سيڪريٽري جنرل انتونيوگوتريش چيو ته ان صورتحال ۾ تڪرار نه …
جنگين جا معاشي اثر جنگ جي ميدان کان پري تائين پکڙجڻ لڳا آهن: انتونيوگوتريش

مزید خبریں
گڏيل قومون- 23 آڪٽوبر(اي پي پي)گڏيل قومن سڄي دنيا ۾ پکڙجندڙ تڪرارن کي روڪڻ، شهرين جو تحفظ يقيني بڻائڻ ۽ سفارتڪاري ذريعي امن قائم ڪرڻ لاءِ اثرائتن قدمن تي زور ڀريندي خبردار ڪيو آهي ته جنگين جا معاشي اثر جنگ جي ميدان کان پري تائين پکڙجي رهيا آهن. پرڏيهي ميڊيا مطابق گڏيل قومن جي هيڊڪوارٽرز نيويارڪ ۾ صحافين سان ڳالهائيندي سيڪريٽري جنرل انتونيوگوتريش چيو ته ان صورتحال ۾ تڪرار نه رڳو شدت اختيار ڪري رهيا آهن پر انهن جو دائرو به وسيع ٿي رهيو آهي. هن ان صورتحال کي جنگ جو ”ايل نينو“ قرار ڏيندي چيو ته جهڙي طرح ايل نينو دنيا جي هڪ حصي ۾ موسمياتي تبديلين ذريعي هزارين ڪلوميٽر پري زندگين کي متاثر ڪري ٿو اهڙي طرح تڪرار به هڪ ٻئي کي هوا ڏئي رهيا آهن ۽ ان جا اثر تيزي سان ڏورانهن علائقن تائين پهچي رهيا آهن. انتونيوگوتريش چيو ته عالمي قانون تحت شهرين ۽ شهري ٺڪاڻن کي نشانو بڻائڻ منع آهي ان ڪري اهڙا حملا فوري طور بند ٿيڻ گهرجن. هن خبردار ڪيو ته جنگين جا اثر رڳو جنگ جي ميدان تائين محدود ناهن رهندا پر توانائي جي مارڪيٽن، بحري رستن، سپلاءِ چين ۽ مالياتي نظام کي به متاثر ڪن ٿا. هن جو چوڻ جو ته جنگين جي نتيجي ۾ پيدا ٿيل معاشي دٻاءُ کان اڳ ئي اڻ برابري جون مشڪلاتون دنيا ۾ وڌي رهيون آهن، ڪيترائي ماڻهو وڌندڙ قيمتن جو بار برداشت نٿا ڪري سگهن جڏهن ته ٻين کي خوراڪ ۽ گهرن کي گرم رکڻ جي خرچن مان ڪنهن هڪ جي چونڊ ڪرڻي پوندي آهي، اهڙي طرح غريب ملڪ قرضن جي ادائيگي ۽ صحت ۽ تعليم جي شعبن ۾ سيڙپڪاري وچ ۾ ڏکيا فيصلا ڪرڻ تي مجبور آهن. گڏيل قومن جي سربراهه وچ اوڀر سميت مختلف خطن ۾ جاري ويڙهه جي خاتمي، عالمي قانونن جي احترام، شهرين جي تحفظ ۽ سامونڊي جهاز راني جي آزادي يقيني بڻائڻ تي زور ڀريو.











