رياض- 23 آڪٽوبر(اي پي پي)عرب ملڪن ۽ رابطه عالم اسلامي دمام ۾ ڪنگ فهد انٽرنيشنل ايئرپورٽ ۽ الشرقيه ريجن ۾ شيبه آئل فيلڊ تي حوثين جي ڪيل حملن جي مذمت ڪئي آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق انهن حملن ۾ 4 ڄڻا مارجي جڏهن ته 10 ڄڻا زخمي ٿيا آهن. گڏيل عرب امارات، قطر، بحرين، اردن ۽ مصر انهن حملن کي سعودي عرب جي خودمختياري ۽ عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي قرار ڏيندي …
عرب ملڪن پاران سعودي ايئرپورٽ ۽ آئل فيلڊ تي حوثين جي حملن جي مذمت

مزید خبریں
رياض- 23 آڪٽوبر(اي پي پي)عرب ملڪن ۽ رابطه عالم اسلامي دمام ۾ ڪنگ فهد انٽرنيشنل ايئرپورٽ ۽ الشرقيه ريجن ۾ شيبه آئل فيلڊ تي حوثين جي ڪيل حملن جي مذمت ڪئي آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق انهن حملن ۾ 4 ڄڻا مارجي جڏهن ته 10 ڄڻا زخمي ٿيا آهن. گڏيل عرب امارات، قطر، بحرين، اردن ۽ مصر انهن حملن کي سعودي عرب جي خودمختياري ۽ عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي قرار ڏيندي رد ڪيو. مملڪت جي سلامتي ۽ علائقائي سلامتي جي تحفظ لاءِ ڪيل ڪوششن جي حمايت جو ورجاءُ ڪيو. بحرين جي پرڏيهي وزارت انهن وڌندڙ حملن کي روڪڻ ۽ انهن جي ذميوارن جي جوابدهي لاءِ عالمي ڪارروائي تي زور ڀريو. وزارت ٻن هفتن کان گهٽ عرصي ۾ ايئرپورٽس ۽ توانائي جي ٺڪاڻن تي ٿيل 4 حملن جو ذڪر ڪندي خبردار ڪيو ته اهي حملا سعودي عرب ۾ اهم انفراسٽرڪچر جي نشانو بڻائڻ جي هڪ وسيع تر مهم جو حصو آهن. قطر خبردار ڪيو ته دمام جي ڪنگ فهد انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي حملو شهري هوابازي ۽ علائقائي سلامتي لاءِ سڌيءَ ريت خطرو آهي ۽ چيو ته سعودي عرب جي سيڪيورٽي جي سي سي جي ميمبر ملڪن جي گڏيل سلامتي جو لازمي حصو آهي. گڏيل عرب امارات پاران ايئرپورٽ تي حملي جي مذمت ڪئي وئي ۽ ان کي مملڪت جي خودمختياري جي ڀڃڪڙي ۽ ان کي استحڪام لاءِ خطرو قرار ڏنو. اردن به شهرين ۽ قومي انفراسٽرڪچر جي تحفظ لاءِ سعودي عرب طرفان کنيل قدمن جي حمايت جو ورجاءُ ڪيو. مصر شهري ٺڪاڻن ۽ ايئرپورٽس کي نشانو بڻائڻ جي مذمت ڪندي خبردار ڪيو ته اهڙن قسمن جي حملن سبب علائقائي ڇڪتاڻ ۾ اضافي جو خدشو آهي. قاهره سعودي عرب جي سلامتي کي عرب دنيا ۽ مصر جي قومي سلامتي جو لازمي جز قرار ڏنو. رابطه عالم اسلامي ايئرپورٽ ۽ آئل فيلڊ تي ٿيل حملن جي مذمت ڪندي چيو ته شهرين ۽ شهري ٺڪاڻن کي نشانو بڻائڻ مذهبي اصولن ۽ عالمي انساني قانونن جي ڀڃڪڙي آهي. ياد رهي ته سعودي عرب جي اوڀر واري صوبي ۾ ايئرپورٽ ۽ تيل جي ٺڪاڻن تي ڌار ڌار حملن ۾ 4 ڄڻا مارجي ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا، جن ۾ هڪ پاڪستاني به شامل آهي.











