گڏيل عرب امارات جي مملڪتي وزير لانا نسيبه گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل لاءِ اميدوار نامزد

دبئي- 23 آڪٽوبر (اي پي پي) گڏيل عرب امارات جي مملڪتي وزير لانا نسيبه کي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي عهدي لاءِ باضابطه طور تي اميدوار طور نامزد ڪيو ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق امارات جي صدر شيخ محمد بن زايد آل نهيان ايندڙ سيڪريٽري جنرل جي چونڊ ۽ مقرري جي طئي ٿيل طريقيڪار مطابق گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۽ سلامتي ڪائونسل جي صدرن کي خط ذريعي نامزدگي …

دبئي- 23 آڪٽوبر (اي پي پي) گڏيل عرب امارات جي مملڪتي وزير لانا نسيبه کي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي عهدي لاءِ باضابطه طور تي اميدوار طور نامزد ڪيو ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق امارات جي صدر شيخ محمد بن زايد آل نهيان ايندڙ سيڪريٽري جنرل جي چونڊ ۽ مقرري جي طئي ٿيل طريقيڪار مطابق گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۽ سلامتي ڪائونسل جي صدرن کي خط ذريعي نامزدگي ڪئي آهي. امارات جي صدر پنهنجي خط ۾ گڏيل قومن جي معاملن ۾ لانا نسيبه جي وسيع تجربي، عالمي چئلينجز کي منهن ڏيڻ ۾ سندس بصيرت ۽ تعميري ڪردار کي اجاگر ڪيو. ياد رهي ته لانا نسيبه 2013ع کان 2024ع تائين گڏيل قومن ۾ گڏيل عرب امارات جي مستقل نمائنده رهي هئي. واضح رهي ته گڏيل قومن جي چارٽر تحت سيڪريٽري جنرل جي مقرري سلامتي ڪائونسل جي سفارش تي جنرل اسيمبلي ڪندي آهي. چونڊ عمل ايندڙ هفتن ۾ جاري رهندو. چونڊيل سيڪريٽري جنرل جنوري 2027ع ۾ عهدو سنڀاليندو.

مزید خبریں