ڪينيڊا جي جهاز ٺاهيندڙ ڪمپني آمريڪا ۾ 27 ڪروڙ ڊالرن جي سيڙپڪاري ڪندي: صدر ڊونلڊ ٽرمپ

واشنگٽن -23 آڪٽوبر(اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته ڪينيڊا جي جهاز ٺاهيندڙ ڪمپني بمبار ڊيئر، آمريڪا ۾ 27 ڪروڙ ڊالرن جي سيڙپڪاري ڪندي جنهن سان ڪنساس، ٽيڪساس رياستن ۾ هزارين نيون ملازمتون پيدا ٿينديون. پرڏيهي ميڊيا موجب آمريڪي صدر خميس ڏينهن پنهنجي سوشل ميڊيا پليٽ فارم ٽروٿ سوشل تي هڪ بيان ۾ سيڙپڪاري جو اعلان ڪيو آهي. اها اڳڀرائي اهڙي وقت ۾ سامهون آئي آهي جڏهن …

واشنگٽن -23 آڪٽوبر(اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته ڪينيڊا جي جهاز ٺاهيندڙ ڪمپني بمبار ڊيئر، آمريڪا ۾ 27 ڪروڙ ڊالرن جي سيڙپڪاري ڪندي جنهن سان ڪنساس، ٽيڪساس رياستن ۾ هزارين نيون ملازمتون پيدا ٿينديون. پرڏيهي ميڊيا موجب آمريڪي صدر خميس ڏينهن پنهنجي سوشل ميڊيا پليٽ فارم ٽروٿ سوشل تي هڪ بيان ۾ سيڙپڪاري جو اعلان ڪيو آهي. اها اڳڀرائي اهڙي وقت ۾ سامهون آئي آهي جڏهن صدر ٽرمپ ڪجهه ڏينهن اڳ بمبار ڊيئر کي آمريڪا ۾ ڪاروبار کان روڪڻ جون ڌمڪيون واپس ورتيون. بمبار ڊيئر گذريل هفتي  رياست ڪنساس جي شهر وچيٽا ۾ 5 ڪروڙ ڊالرن جي سيڙپڪاري جو اعلان ڪيو هيو جڏهن ته ڪمپني صدر ٽرمپ پاران اعلان ڪيل نئين سيڙپڪاري جي تفصيلن بابت تبصري جي درخواست جو جواب ناهي ڏنو.

مزید خبریں