نيويارڪ -23 آڪٽوبر(اي پي پي) نيويارڪ سٽي ڪائونسل شهر جي روڊن ۽ سينٽرل پارڪ ۾ جون 2028ع کان گهوڙا گاڏين تي پابندي لاڳو ڪرڻ جي بل جي منظوري ڏني آهي جنهن جي نتيجي ۾ سياحن جي ڌيان جو مرڪز رهندڙ تاريخي تفريحي ۽ ڊگهي عرصي کان جاري ڪاروبار ختم ٿي ويندو. پرڏيهي ميڊيا موجب شهر جي 51 ميمبرن تي ٻڌل ڪائونسل مان 40 ميمبرن بل جي حق ۾ ووٽ ڏنا. …
نيويارڪ ۾ جون 2028ع کان گهوڙا گاڏين تي پابندي لاڳو ڪرڻ جو بل منظور

مزید خبریں
نيويارڪ -23 آڪٽوبر(اي پي پي) نيويارڪ سٽي ڪائونسل شهر جي روڊن ۽ سينٽرل پارڪ ۾ جون 2028ع کان گهوڙا گاڏين تي پابندي لاڳو ڪرڻ جي بل جي منظوري ڏني آهي جنهن جي نتيجي ۾ سياحن جي ڌيان جو مرڪز رهندڙ تاريخي تفريحي ۽ ڊگهي عرصي کان جاري ڪاروبار ختم ٿي ويندو. پرڏيهي ميڊيا موجب شهر جي 51 ميمبرن تي ٻڌل ڪائونسل مان 40 ميمبرن بل جي حق ۾ ووٽ ڏنا. ان بل جي حمايت ميئر زوهران ممداني به ڪئي جنهن هلندڙ مهيني جي شروعات ۾ چيو هيو ته گهوڙا گاڏين جي صنعت ختم ٿي ويندي، ستن ميمبرن بل جي مخالفت ڪئي جڏهن ته ٻن راءِ شماري ۾ حصو نه ورتو. گهوڙا گاڏين تي پابندي جي حمايت ۾ ان وقت اضافو ٿيو جڏهن جون ۾ 18 سالن جو ڀارتي سياح گهوڙا گاڏي مان ڪرڻ سبب فوت ٿيو هو.











