يورپي يونين پنهنجي صنعتن جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ سان مارڪيٽون کليل رکي، واپاري جنگ کان پاسو ڪرڻ ضروري آهي: جرمني

برلن- 22 آڪٽوبر (اي پي پي) جرمن چانسلر فريڊرڪ مرز چيو آهي ته يورپي يونين کي غير منصفاڻي چٽا ڀيٽي کان پنهنجين صنعتن جو تحفظ يقيني بڻائڻ سان مارڪيٽن کي کليل رکڻ گهرجي ۽ واپاري جنگ کان پاسو ڪرڻ گهرجي. پرڏيهي ميڊيا مطابق برلن گلوبل ڊائيلاگ کي خطاب ڪندي هن چين سان يورپي يونين جي واپاري خساري جي نشاندهي ڪئي، پر چين جي مقابلي واري صلاحيت کي به تسليم ڪيو. …

برلن- 22 آڪٽوبر (اي پي پي) جرمن چانسلر فريڊرڪ مرز چيو آهي ته يورپي يونين کي غير منصفاڻي چٽا ڀيٽي کان پنهنجين صنعتن جو تحفظ يقيني بڻائڻ سان مارڪيٽن کي کليل رکڻ گهرجي ۽ واپاري جنگ کان پاسو ڪرڻ گهرجي. پرڏيهي ميڊيا مطابق برلن گلوبل ڊائيلاگ کي خطاب ڪندي هن چين سان يورپي يونين جي واپاري خساري جي نشاندهي ڪئي، پر چين جي مقابلي واري صلاحيت کي به تسليم ڪيو. هن چيو ته چين چٽا ڀيٽي وارو ملڪ آهي ۽ تحقيق ۽ ترقي جي شعبي ۾ ان جي ڪاميابين جو احترام ڪرڻ گهرجي. جرمن چانسلر ٻڌايو ته جرمني ۽ فرانس يورپي يونين لاءِ هڪ نئين واپاري دفاعي طريقيڪار جي تجويز پيش ڪئي آهي، جنهن تحت يورپي صنعتن ۽ سپلاءِ چينز کي نقصان پهچائيندڙ غير منصفاڻن قدمن خلاف وڌيڪ تيزي سان ردعمل ڏئي سگهبو. سندس مطابق گذريل هفتي يورپي ڪائونسل جي اجلاس ۾ يورپي يونين جي اڳواڻن ان تجويز جي متفقه حمايت ڪئي هئي. هن واضح ڪيو ته انهن قدمن جو مقصد واپاري تڪرار شروع ڪرڻ نه پر غير منصفاڻي واپاري طريقن جي روڪٿام ڪرڻ آهي. يورپي يونين پنهنجي واپاري تحفظ جي قدمن کي احتياطي ذريعي طور استعمال ڪرڻ چاهي ٿي پر واپاري جنگ کي هٿي ڏيڻ لاءِ نه. فريڊرڪ مرز وڌيڪ چيو ته يورپي ۽ چيني اختيارين مختلف واپاري معاملن تي ڳالهه ٻولهه شروع ڪري ڇڏي آهي، جنهن جا شروعاتي نتيجا به سامهون آيا آهن. هن ان عزم جو اظهار ڪيو ته يورپي يونين چين سان اقتصادي لاڳاپا برقرار رکڻ چاهي ٿي، پر ان لاءِ واپاري شرطن کي وڌيڪ منصفاڻو بڻائڻ ضروري آهي. هن چيو ته چين سان منصفاڻو واپار ٻنهي ڌرين جي گڏيل مفاد ۾ آهي.

مزید خبریں