گڏيل قومون- 22 آڪٽوبر(اي پي پي) جمهوريه ڪانگو جي ڏکڻ اوڀر وارن علائقن ۾ تشدد جي وڌندڙ واقعن سبب آگسٽ کان هن وقت تائين هزارين ماڻهو پنهنجن گهرن مان لڏپلاڻ تي مجبور ٿي چڪا آهن. پرڏيهي ميڊيا گڏيل قومن جي انساني معاملن بابت شعبي (اوچا) جي حوالي سان ٻڌايو ته تازو لڏپلاڻ ڪندڙ خاندان انهن اٽڪل 14 هزار 500 ماڻهن ۾ شامل ٿي ويا آهن، جيڪي هلندڙ مهيني جي شروعات …
ڪانگو ۾ تشدد سبب هزارين ماڻهو لڏپلاڻ ڪرڻ تي مجبور آهن: گڏيل قومون

مزید خبریں
گڏيل قومون- 22 آڪٽوبر(اي پي پي) جمهوريه ڪانگو جي ڏکڻ اوڀر وارن علائقن ۾ تشدد جي وڌندڙ واقعن سبب آگسٽ کان هن وقت تائين هزارين ماڻهو پنهنجن گهرن مان لڏپلاڻ تي مجبور ٿي چڪا آهن. پرڏيهي ميڊيا گڏيل قومن جي انساني معاملن بابت شعبي (اوچا) جي حوالي سان ٻڌايو ته تازو لڏپلاڻ ڪندڙ خاندان انهن اٽڪل 14 هزار 500 ماڻهن ۾ شامل ٿي ويا آهن، جيڪي هلندڙ مهيني جي شروعات ۾ ان ئي نوعيت جي حملن سبب پنهنجا گهر ڇڏي چڪا هئا. گڏيل قومن جي اداري خبردار ڪيو ته لڏپلاڻ ڪندڙ ماڻهن جي آمد سبب ميزبان آبادين تي دٻاءُ وڌي رهيو آهي ۽ تحفظ، رهائش، خوراڪ، طبي سهولتن، صاف پاڻي ۽ پاڻي جي نيڪال سميت بنيادي انساني ضرورتن ۾ اضافو ٿي رهيو آهي. اوچا خدشو ظاهر ڪيو آهي ته تشدد ۾ وڌيڪ اضافي سبب وڌيڪ خاندان لڏپلاڻ ڪرڻ تي مجبور ٿي سگهن ٿا جنهن سبب ضرورتمند ماڻهن تائين امدادي ڪارڪنن جي پهچ وڌيڪ ڏکي ٿي ويندي. اداري سمورين ڌرين تي زور ڀريو ته هو شهرين جي تحفظ کي يقيني بڻائين، عالمي انساني قانونن جو احترام ڪن ۽ ضرورت مند ماڻهن تائين انساني امداد جي محفوظ ۽ بنا رڪاوٽ پهچ ممڪن بڻائين.











