بلاول ڀٽو زرداري پاران پيپلز پارٽي 60 ميل جي صدر الله وسايو لنڊ جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار

اسلام آباد- 21 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پاڪستان پيپلز پارٽي 60 ميل جي صدر الله وسايو لنڊ جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پ پ ميڊيا سيل مان جاري بيان ۾ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، مرحوم الله وسايو لنڊ جي سوڳوار ڪٽنب سان دلي افسوس ۽ همدردي جو اظهار ڪندي چيو ته مرحوم الله وسايو لنڊ پارٽي جو …

اسلام آباد- 21 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پاڪستان پيپلز پارٽي 60 ميل جي صدر الله وسايو لنڊ جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پ پ ميڊيا سيل مان جاري بيان ۾ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، مرحوم الله وسايو لنڊ جي سوڳوار ڪٽنب سان دلي افسوس ۽ همدردي جو اظهار ڪندي چيو ته مرحوم الله وسايو لنڊ پارٽي جو وفادار ڪارڪن هو، پارٽي لاءِ سندس خدمتن کي هميشه ياد رکيو ويندو. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي جنت الفردوس ۾ جاءِ ڏئي ۽ پوئينرن کي صبر عطا ڪري.