سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ 900 رپين جي گهٽتائي رڪارڊ

اسلام آباد- 21 آڪٽوبر (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت 900 رپين جي گهٽتائي سان في تولو سون 4 لک 34 هزار 536 روپين جو ٿي ويو آهي. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن مطابق اربع ڏينهن 24 قيراط سون جي 10 گرام جي قيمت به 772 رپين جي گهٽتائي کانپوءِ 3 لک 73 هزار 316 رپين مان گهٽجي 3 لک 72 هزار 544 رپيا ٿي وئي، جڏهن ته 10 گرام 22 …

اسلام آباد- 21 آڪٽوبر (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت 900 رپين جي گهٽتائي سان في تولو سون 4 لک 34 هزار 536 روپين جو ٿي ويو آهي. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن مطابق اربع ڏينهن 24 قيراط سون جي 10 گرام جي قيمت به 772 رپين جي گهٽتائي کانپوءِ 3 لک 73 هزار 316 رپين مان گهٽجي 3 لک 72 هزار 544 رپيا ٿي وئي، جڏهن ته 10 گرام 22 قيراط سون جي قيمت 3 لک 42 هزار 218 رپين مان گهٽجي 3 لک 41 هزار 511 روپيا ٿي وئي. آل سنڌ صرافه جيولرز ايسوسيئيشن مطابق في تولو چانديءَ جي قيمت 27 رپين جي گهٽتائي سان 6207 رپيا ۽ 10 گرام چانڊيءَ جي قيمت 23 رپين جي گهٽتائي کانپوءِ 5321 رپيا ٿي وئي. عالمي مارڪيٽ ۾ سون جي قيمت 4129 ڊالرز مان گهٽجي 4120 ڊالرز ٿي وئي.