اسلام آباد-21 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ آذربائيجان ٻارن جي ادب جي گڏيل ترجمي ، ڪتابن جي ڇپائي، علمي ۽ ثقافتي رابطن کي هٿي ڏيڻ لاءِ تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو آهي. نيشنل بڪ فائونڊيشن جي ڊائريڪٽر هيڊڪوارٽرز مراد علي مهمند پاڪستان هاءِ ڪميشن باڪو جي تعاون سان باڪو اسٽيٽ يونيورسٽي جي اردو شعبي جي سربراهه ايلدوس ابراهيم ۽ پريس ڪائونسلر سيده عديله رباب ڪاظمي سان ملاقات ڪئي جنهن …
پاڪستان ۽ آذربائيجان پاران ٻارن جي ادب جي ترجمي ۽ ڇپائي، علمي ۽ ثقافتي رابطن کي هٿي ڏيڻ لاءِ تعاون وڌائڻ تي اتفاق

مزید خبریں
اسلام آباد-21 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ آذربائيجان ٻارن جي ادب جي گڏيل ترجمي ، ڪتابن جي ڇپائي، علمي ۽ ثقافتي رابطن کي هٿي ڏيڻ لاءِ تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو آهي. نيشنل بڪ فائونڊيشن جي ڊائريڪٽر هيڊڪوارٽرز مراد علي مهمند پاڪستان هاءِ ڪميشن باڪو جي تعاون سان باڪو اسٽيٽ يونيورسٽي جي اردو شعبي جي سربراهه ايلدوس ابراهيم ۽ پريس ڪائونسلر سيده عديله رباب ڪاظمي سان ملاقات ڪئي جنهن م ٻنهي ملڪن جي چونڊيل ٻارن جي ڪتابن جا اردو ۽ آذربائيجاني ٻولين ۾ ترجما، ڇپائي جا حق ۽ گڏيل ڇپائي جي منصوبن جي امڪانن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات دوران مراد علي مهمند نيشنل بڪ فائونڊيشن جي ڇپائي جي سرگرمين ۽ مطالعي کي هٿي ڏيڻ لاءِ جاري قدمن کان آگاهه ڪندي ٻارن ۽ نوجوانن ۾ مطالعي جو ذوق پيدا ڪرڻ، معياري ۽ معلوماتي ڪتابن تائين پهچ آسان بڻائڻ ۽ پاڪستاني ادب کي عالمي سطح تي متعارف ڪرائڻ اداري جي اهم ترجيحن ۾ شامل آهي. هن چيو ته مختلف ٻولين جي ادب کي ترجمي ذريعي نئين نسل تائين پهچائڻ سان علمي ۽ فڪري سگهه سان گڏ قومن وچ ۾ ثقافتي ويجهڙائي ۽ گڏيل سمجهه کي به هٿي ملي ٿي. باڪو اسٽيٽ يونيورسٽي جي اردو شعبي جي سربراهه ايلدوس ابراهيم آذربائيجان ۾ اردو ٻولي جي تدريس ۽ ان ۾ شاگردن جي دلچسپي تي روشني وجهندي ٻڌايو ته يونيورسٽي ۾ اردو ٻولي جو چئن سالن جو ڊگري پروگرام جاري آهي، جنهن ۾ هر سال اٽڪل 10 کان 40 شاگرد تعليم حاصل ڪن ٿا. ملاقات ۾ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته آذربائيجان جي چونڊيل معياري ٻارن جي ڪتابن جو اردو ترجمو ۽ نيشنل بڪ فائونڊيشن جي چونڊيل لکڻين کي آذربائيجاني ٻولي ۾ منتقل ڪرڻ امڪانن جو جائزو ورتو ويندو.ملاقات ۾ ان اميد جو اظهار ڪيو ويو ته ٻنهي ملڪن جي لاڳاپيل ادارن وچ ۾ مسلسل رابطن ۽ گڏيل قدمن سان ٻارن جي ادب جي ڇپائي ۽ ورڇ جا نوان امڪان پيدا ٿيندا، جنهن سان نه رڳو ادبي مٽاسٽا کي هٿي ملندي پر پاڪستان ۽ آذربائيجان جي دوستاڻي لاڳاپن کي به وڌيڪ سگهه ملندي.











