اسلام آباد- 21 آڪٽوبر (اي پي پي) واپار بابت وفاقي وزير ڄام ڪمال خان جي صدارت هيٺ روانگي واپار ڪندڙن، صنعتڪارن ۽ ڪاروباري برادري جي نمائندن جو مشاورتي اجلاس منعقد ٿيو جنهن ۾ روانگي واپار ڪندڙن جا مسئلا حل ڪرڻ، صنعتي مقابلي جي صلاحيت بهتر بڻائڻ ۽ پاڪستان جي روانگي واپار ۾ اضافي لاءِ حڪومت جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. اربع تي ٿيل اجلاس ۾ سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير …
واپاري بابت وفاقي وزير جي صدارت ۾ اجلاس، روانگي واپار ڪندڙن جا مسئلا حل ڪرڻ، صنعتي مقابلي جي صلاحيت بهتر بڻائڻ ۽ پاڪستان جي روانگي واپار ۾ اضافي لاءِ حڪومت جي عزم ورجاءُ ڪيو

مزید خبریں
اسلام آباد- 21 آڪٽوبر (اي پي پي) واپار بابت وفاقي وزير ڄام ڪمال خان جي صدارت هيٺ روانگي واپار ڪندڙن، صنعتڪارن ۽ ڪاروباري برادري جي نمائندن جو مشاورتي اجلاس منعقد ٿيو جنهن ۾ روانگي واپار ڪندڙن جا مسئلا حل ڪرڻ، صنعتي مقابلي جي صلاحيت بهتر بڻائڻ ۽ پاڪستان جي روانگي واپار ۾ اضافي لاءِ حڪومت جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. اربع تي ٿيل اجلاس ۾ سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير محمد جنيد انوار چوڌري اجلاس ۾ آن لائين شرڪت ڪئي جڏهن ته ناڻي ۽ محصول واري مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني، وزيراعظم جي واپار ۽ صنعت بابت رابطاڪار رانا احسان افضل خان، لاڳاپيل وزارتن جي سيڪريٽرين ۽ مختلف کاتن جي سينيئر عملدارن به شرڪت ڪئي. ڪاروباري برادري جي ڪيترن نمائندن پنهنجا رائيا ۽ تجويزون پيش ڪيون. واپار واري وزير ڄام ڪمال پاڪسان جي روانگي واپار ۾ واڌ پيدا ڪرڻ، ويليو ايڊڊ مصنوعات کي هٿي وٺائڻ، نين عالمي مارڪيٽن جي ڳوله، روانگي واپارن کي درپيش رڪاوٽون ختم ڪرڻ، توانائي جي وڌندڙ قيمتن، چر پر ۽ مال برداري جي خرچن، ٽيڪسن ۽ عالمي واپاري حالتن ۾ تبديلين سبب پيدا ٿيندڙ مسئلن کي گهٽ ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريو. هن چيو ته حڪومت لاڳاپيل وزارتن ۽ ضابطا جاتي ادارن جي گڏيل تعاون سان عملي حل تلاش ڪرڻ لاءِ صنعتي شعبي جي نمائندن سان سڌي ريت رابطي ۾ آهي. مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني ان ڳالهه تي زور ڀريو ته روانگي واپار ڪندڙن جي مسئلن کي باقاعده دستاويزي صورت ڏني وڃي، لاڳاپيل کاتن کان ان تي موقف حاصل ڪيو وڃي ۽ عمل جوڳيون سفارشون مرتب ڪيون وڃن. اجلاس دوران ڪاروباري برادري جي نمائندن ايڪسپورٽ امپورٽ بينڪ (ايگزم بينڪ) جي روانگي واپارن لاءِ متعارف ڪرايل اسڪيم جي تعريف ڪندي ان کي روانگي واپار ڪندڙ مالي مدد تائين رسائي بهتر بڻائڻ ۽ عالمي مارڪيٽن تائين وسعت ڏيڻ جي خواهشمند ادارن جي مدد لاءِ هاڪاري قدم قرار ڏنو. صنعتي شعبي جي نمائندن توانائي جي خرچن، ڪيپٽو پاور پلانٽس لاءِ گئس ليوي، صوبائي انفراسٽرڪچر ليويز ۽ پيداواري لاڳت ۾ اضافي بابت خدشا پيش ڪيا. ان موقعي تي پيٽروليم ڊويزن جي عملدارن گئس ليوي جي طريقيڪار بابت بريفنگ ڏني. هن عالمي سپلاءِ چين ۾ تعطل کي نظر ۾ رکندي ادائگين جي تڪميل لاءِ مقرره وقت ۾ وڌيڪ لچڪ پيدا ڪرڻ جي تجويز ڏني. شرڪت ڪندڙن انهن مارڪيٽن جو جائزو وٺڻ جي سفارش ڪئي جتي بنگلاديش ۽ ڀارت کي ترجيحي واپاري سهولتون حاصل آهن. هن پاڪستان جي روانگي واپار ڪندڙن چٽاڀيٽي بهتر بڻائڻ لاءِ ٻه طرفه واپاري انتظامن کي وڌيڪ موثر بڻائڻ جا امڪان تلاش ڪرڻ تي به زور ڀريو. واپار واري وزير ڄام ڪمال خان شرڪت ڪندڙن کي ٻڌايو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف لائيو اسٽاڪ جي شعبي جي ترقي ۾ ذاتي دلچسپي وٺي رهيو آهي جنهن ۾ بيمارين تي ضابطو آڻڻ، سيڙپڪاري، نسل جي واڌ ويجهه ۾ بهتري ۽ ويليو ايڊڊ روانگي واپار کي هٿي وٺائڻ شامل آهي. اجلاس کي اهو به ٻڌايو ويو ته نجي شعبي جي قيادت ۾ هڪ مخصوص لائيو اسٽاڪ بورڊ قائم ڪرڻ جي منصوبي تي به ڪم ڪيو پيو وڃي. معدنيات جو روانگي واپار ڪندڙن کاڻين ۾ استعمال ٿيندڙ ڌماڪيدار مواد تي پابندين ۽ وڌهولڊنگ ٽيڪس بابت خدشا پيش ڪيا. ان موقعي تي جراحي جي اوزارن جي شعبي جي نمائندگي ڪندي قيصر سليم شبير چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر پاڪستان جي روانگي واپار جي مقابلي واري صلاحيت وڌائڻ لاءِ جديد ٽيڪنالاجي، هنرمندي افرادي قوت، صنعتي سيڙپڪاري ۽ صنعت کي جديد رخن تي گامزن ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريو. ڄام ڪمال خان چيو ته واپار واري وزارت مختلف شعبن جي مخصوص ۽ گڏيل مسئلن کي گڏ ڪندي ۽ وزيراعظم کي غور ويچار لاءِ عمل جوڳيون سفارشون تيار ڪرڻ جي ارادي بابت وزارتن کان انهن معاملن تي جواب حاصل ڪندي.بلال اظهر ڪياني به ان ڳالهه تي زور ڀريو ته روانگي واپار ڪندڙن پاران اٿاريل مسئلن کي منظم انداز ۾ مرتب ڪري ايندڙ مشاورتي اجلاس ۾ لاڳاپيل کاتن کان انهن جو جائزو ورتو ويندو. هن سرڪاري ۽ نجي شعبن وچ ۾ مسلسل مشاورت، روانگي واپار ۾ واڌ، صنعتي ترقي ۽ عالمي مارڪيٽن ۾ پاڪستان جي مقابلي واري صلاحيت مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.











