آءِ بي سي سي پاران تعليمي سندون فراهم ڪندڙ غيرملڪي ادارن ۽ امتحاني بورڊز جي موثر نگراني ۽ معيار کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ قدمن جي شروعات

اسلام آباد - 21 آڪٽوبر (اي پي پي) انٽربورڊ ڪوآرڊينيشن ڪميشن (آءِ بي سي سي) پاڪستان ۾ سيڪنڊري اسڪول سرٽيفڪيٽ (ايس ايس سي)، هايئر سيڪنڊري اسڪول سرٽيفڪيٽ (ايڇ ايس ايس سي) ۽ ان جي برابر ليول ٿري جون تعليمي سندون فراهم ڪندڙ غيرملڪي ادارن ۽ امتحاني بورڊز جي موثر نگراني ۽ معيار کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ اهم قدمن جي شروعات ڪري ڇڏي آهي. ان سلسلي ۾ آءِ بي سي …

اسلام آباد – 21 آڪٽوبر (اي پي پي) انٽربورڊ ڪوآرڊينيشن ڪميشن (آءِ بي سي سي) پاڪستان ۾ سيڪنڊري اسڪول سرٽيفڪيٽ (ايس ايس سي)، هايئر سيڪنڊري اسڪول سرٽيفڪيٽ (ايڇ ايس ايس سي) ۽ ان جي برابر ليول ٿري جون تعليمي سندون فراهم ڪندڙ غيرملڪي ادارن ۽ امتحاني بورڊز جي موثر نگراني ۽ معيار کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ اهم قدمن جي شروعات ڪري ڇڏي آهي. ان سلسلي ۾ آءِ بي سي سي سيڪريٽريٽ اسلام آباد ۾ هڪ اهم اجلاس منعقد ٿيو، جنهن جي صدارت آءِ بي بي سي سي  جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر ڊاڪٽر غلام علي ملاح ڪئي. اجلاس ۾ عالمي تعليمي نظام بابت مختلف معاملن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو، خاص طور تي شاگردن جي مفادن جي تحفظ، امتحاني معيار کي برقرار رکڻ ۽ آءِ بي سي سي جي ريگيوليٽري فريم ورڪ تي عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ تي خاص ڌيان ڏنو ويو. شرڪت ڪندڙن غيرملڪي تعليمي سندون جاري ڪندڙ ادارن ۽ انهن سان واڳيل تدريسي ۽ امتحاني مرڪزن جي لاءِ هڪ جامع نگراني جي نظام ۽ معيار جي ڇنڊڇاڻ ڪرڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. تجويز ڪيل نظام جو بنيادي مقصد قاعدن ۽ ضابطن جي پابندي، اداراجاتي جوابدهي ۽ پاڪستان ۾ فراهم ڪئي ويندڙ تعليمي سندن جي ساک ۽ اعتبار کي يقيني بڻائڻ آهي. ان موقعي تي ڊاڪٽر غلام علي ملاح چيو ته آءِ بي سي سي غيرملڪي تعليمي ادارن ۽ امتحاني بورڊز کي سهولتون فراهم ڪرڻ سان گڏوگڏ شفافيت، جوابدهي ۽ مقرر تعليمي معيارن جي شفافيت ۽ ساک کي برقرار رکڻ آءِ بي سي سي جي بنيادي ذميوارين ۾ شامل آهي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته مشاورتي عمل کي اڳتي وڌائيندي ايندڙ هفتي غيرملڪي تعليمي سندون جاري ڪندڙ ادارن ۽ امتحاني بورڊز جي نمائندن سان هڪ اهم اجلاس منعقد ڪيو ويندو، جنهن ۾ ريگيوليٽري معاملن، گڏيل رابطن کي مضبوط بڻائڻ ۽ تجويز ڪيل معيار جي ڇنڊڇاڻ ۽ نگراني جي قدمن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي. اجلاس ۾ ڊاڪٽر شهزاد علي گل ڊائريڪٽر ايڪريڊيٽيشن اينڊ انٽرنيشنل لينگئيجز، عرفان علي انصاري ڊائريڪٽر ميڊيا، سعديه ناز ڊپٽي ڊائريڪٽر ڪيپسٽي بلڊنگ ۽ محمد ڪاشف ڊپٽي ڊائريڪٽر آءِ ٽي شرڪت ڪئي.