پاڪستان ۽ مالديپ پاران ٻه طرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبُوط بڻائڻ ۽ مختلف شعبن ۾ گڏيل تعاون کي فروغ ڏيڻ لاءِ مفاهمت جي 20 يادداشتن تي صحيحون

اسلام آباد-21 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ مالديپ ٻه طرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبُوط بڻائڻ ۽ مختلف شعبن ۾ گڏيل تعاون کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ انفارميشن ٽيڪنالاجي، مصنوعي ذهانت، سائبر سيڪيورٽي، ڊجيٽل مهارتن، صحت، تعليم، دفاع، بحري سلامتي، زراعت، سياحت، واپار ۽ ماحولياتي تحفظ سميت مختلف شعبن ۾ تعاون جي لاءِ مفاهمت جي 20 يادداشتن (ايم او يوز) تي صحيحون ڪيون آهن. انهن مفاهمتي يادداشتن تي مالديپ جي …

اسلام آباد-21 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ مالديپ ٻه طرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبُوط بڻائڻ ۽ مختلف شعبن ۾ گڏيل تعاون کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ انفارميشن ٽيڪنالاجي، مصنوعي ذهانت، سائبر سيڪيورٽي، ڊجيٽل مهارتن، صحت، تعليم، دفاع، بحري سلامتي، زراعت، سياحت، واپار ۽ ماحولياتي تحفظ سميت مختلف شعبن ۾ تعاون جي لاءِ مفاهمت جي 20 يادداشتن (ايم او يوز) تي صحيحون ڪيون آهن. انهن مفاهمتي يادداشتن تي مالديپ جي صدر ڊاڪٽر محمد معيزو جي ٽن ڏينهن جي سرڪاري دوري دوران صحيحون ڪيون ويون، جيڪو ٻطرفي سفارتي لاڳاپن جي 60هين سالگرهه جي موقعي تي 11 سالن ۾ ڪنهن به مالديپ جي صدر جو پهريون دورو آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ صدر ڊاڪٽر محمد معيزو پڻ تقريب ۾ موجود هئا جڏهن ته ٻنهي ملڪن جي نمائندن اڳ ۾ صحيحُون ٿيل دستاويزن جي ڏي وٺ ڪئي. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ طئه ٿيندڙ مفاهمت جي يادداشتن ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي، سائبر سيڪيورٽي، مصنوعي ذهانت، ڊجيٽل مهارتن ۽ ٽيڪنالاجي ۽ جدت جي شعبن ۾ تعاون، منشيات ۽ انهن جي تياري ۾ استعمال ٿيندڙ ڪيميائي جزن جي غير قانوني اسمگلنگ ۽ انهن جي استعمال جي روڪٿام ۽ سماجي تحفظ جي شعبن ۾ تعاون شامل آهي. صحت جي شعبي ۾ ڊرگ ريگيوليٽري اٿارٽي آف پاڪستان (ڊريپ) ۽ مالديپ فوڊ اينڊ ڊرگ اٿارٽي جي وچ ۾ تعاون، طبي ماهرن جي ڀرتي ۽ دفاعي تعاون بابت مفاهمت جُون يادداشتُون پُڻ فهرست ۾ شامل آهن. ان کانسواءِ سامونڊي سلامتي، زرعي تعاون ۽ مڇي مارڻ جي شعبن ۾ تعاون جي لاءِ مفاهمت جي يادداشت تي پڻ صحيحُون ڪيُون ويُون. تعليم ۽ انساني وسيلن جي ترقي جي حوالي سان پاڪستان جي نيشنل ووڪيشنل اينڊ ٽيڪنيڪل ٽريننگ ڪميشن (نيوٽيڪ) ۽ مالديپ جي فني ۽ پيشيوراڻي تعليم ۽ تربيت جي فروغ، اعليٰ تعليم، مهارتن جي ترقي ۽ نوجوانن ۽ راندين جي شعبن ۾ تعاون جي لاءِ مفاهمت جُون يادداشتُون پڻ طئه ٿيندڙ معاهدن ۾ شامل آهن. ٻنهي ملڪن فضائي رابطن جي فروغ، سياحت، فن، ثقافت ۽ ورثي جي تحفظ جي شعبن ۾ تعاون ڪرڻ تي پڻ اتفاق ڪيو آهي، جڏهن ته پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي تربيت، سول سروس ڪميشن  آف مالديپ ۽ فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن آف پاڪستان ۽ سول سروس اڪيڊميز جي وچ ۾ تعاون بابت مفاهمت جُون يادداشتُون پڻ طئه ٿيل معاهدن جو حصو آهن. واپار جي شعبي ۾ مالديپ جي اسٽيٽ ٽريڊنگ آرگنائيزيشن ۽ پاڪستان جي ٽريڊنگ ڪارپوريشن جي وچ ۾ زرعي جنسن، خوراڪ ۽ ٻين شين جي واپار ۾ تعاون جڏهن ته ماحولياتي تحفظ جي شعبي ۾ پڻ مفاهمت جي يادداشت شامل آهي. اهي معاهدا ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي تعاون کي سگهه ڏيڻ، ادارتي رابطا مضبوط ڪرڻ ۽ واپار، تعليم، صحت، ٽيڪنالاجي ۽ ٻين شعبن ۾ گڏيل مفاد جا نوان موقعا پيدا ڪرڻ طرف هڪ اهم اڳڀرائي آهن.