اسلام آباد- 21 آڪٽوبر (اي پي پي) مالديپ جي صدر ڊاڪٽر محمد معيزو کي عوامي خدمتن، ادارتي ۽ سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ سندس اهم ڪردار تي انٽرنيشنل اسلامڪ يونيورسٽي اسلام آباد پاران سياسيات ۽ عالمي لاڳاپن ڊاڪٽريٽ جي اعزازي ڊگري عطا ڪئي وئي آهي. اربع ڏينهن مالديپ جي صدر کي پاڪستان جي دوري جي موقعي تي انٽرنيشنل اسلامڪ يونيورسٽي پاران ڊاڪٽريٽ جي اعزازي ڊگري ڏيڻ جي لاءِ خصوصي تقريب …
مالديپ جي صدر ڊاڪٽر محمد معيزو کي انٽرنيشنل اسلامڪ يونيورسٽي اسلام آباد پاران ڊاڪٽريٽ جي اعزازي ڊگري عطا

مزید خبریں
اسلام آباد- 21 آڪٽوبر (اي پي پي) مالديپ جي صدر ڊاڪٽر محمد معيزو کي عوامي خدمتن، ادارتي ۽ سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ سندس اهم ڪردار تي انٽرنيشنل اسلامڪ يونيورسٽي اسلام آباد پاران سياسيات ۽ عالمي لاڳاپن ڊاڪٽريٽ جي اعزازي ڊگري عطا ڪئي وئي آهي. اربع ڏينهن مالديپ جي صدر کي پاڪستان جي دوري جي موقعي تي انٽرنيشنل اسلامڪ يونيورسٽي پاران ڊاڪٽريٽ جي اعزازي ڊگري ڏيڻ جي لاءِ خصوصي تقريب منعقد ڪئي وئي. مالديپ جي صدر کي اها اعزازي ڊگري وزيراعظم محمد شهباز شريف ڏني. تقريب ۾ وفاقي ڪابينا جي ميمبرن ۽ مالديپ جي صدر جي وفد جي ميمبرن پڻ شرڪت ڪئي. مالديپ جي صدر اسلامي يونيورسٽي طرفان اعزازي ڊاڪٽريٽ جي ڊگري ڏيڻ تي ٿورا مڃيندي چيو ته هي اعزاز صرف سندس لاءِ ناهي پر مالديپ لاءِ به فخر جي لائق آهي، هي اعزاز ٻنهي ملڪن جي لازوال دوستي جي علامت آهي. هن چيو ته گڏيل احترام ۽ اعتماد پاڪستان ۽ مالديپ جي دوستي جي بنياد آهن. اعزازي ڊگري ذريعي مالديپ جي عوام کي عزت ڏيڻ تي پڻ ٿورا مڃان ٿو. اعزازي ڊگري ٿورن سان گڏوگڏ نئين ذميواري جي احساس به آهي. مالديپ جي صدر پاڪستان جي حڪومت ۽ خاص طور تي انٽرنيشنل اسلامڪ يونيورسٽي جا ٿورا ادا ڪيا.











