اسلام آباد - 21 آڪٽوبر (اي پي پي)دانش آءِ ٽي پارڪ پاڪستان جي ڊجيٽل معيشت کي هٿي وٺائڻ، عالمي سيڙپڪاري حاصل ڪرڻ ۽ نوجوانن لاءِ اٽڪل 7500 سڌي ريت روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ جي صلاحيت رکندڙ اهم منصوبو آهي. وفاقي حڪومت جي اڏام پاڪستان پروگرام تحت وزيراعظم محمد شهباز شريف تازو ئي اسلام آباد ۾ دانش آءِ ٽي پارڪ جو افتتاح ڪيو هو جيڪو پاڪستان جي ڊجيٽل صلاحيتن کي …
دانش آءِ ٽي پارڪ پاڪستان جي ڊجيٽل معيشت، عالمي سيڙپڪاري کي هٿي وٺائڻ، روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ جي صلاحيت رکندڙ اهم منصوبو سڏجڻ لڳو

مزید خبریں
اسلام آباد – 21 آڪٽوبر (اي پي پي)دانش آءِ ٽي پارڪ پاڪستان جي ڊجيٽل معيشت کي هٿي وٺائڻ، عالمي سيڙپڪاري حاصل ڪرڻ ۽ نوجوانن لاءِ اٽڪل 7500 سڌي ريت روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ جي صلاحيت رکندڙ اهم منصوبو آهي. وفاقي حڪومت جي اڏام پاڪستان پروگرام تحت وزيراعظم محمد شهباز شريف تازو ئي اسلام آباد ۾ دانش آءِ ٽي پارڪ جو افتتاح ڪيو هو جيڪو پاڪستان جي ڊجيٽل صلاحيتن کي سيڙپڪاري، جدت، تحقيق ۽ روزگار جي موقعن ۾ تبديل ڪرڻ طرف هڪ اهم قدم آهي. وفاقي ترقياتي پروگرام مطابق ڪوريائي ڀائيوار جي تعاون سان تعمير ڪيل اهو 12 منزلن وارو آءِ ٽي مرڪز ملڪ ۾ ٽيڪنالاجي تي ٻڌل معيشت کي هٿي وٺائڻ ۽ ڊجيٽل شعبي جي ترقي ۾ مددگار ثابت ٿيندو. دانش آءِ ٽي پارڪ کي اسٽارٽ اپس، تحقيق، روبوٽڪس ۽ جديد ٽيڪنالاجي جي تربيت لاءِ هڪ مربوط پليٽ فارم طور تيار ڪيو ويو آهي. عالمي معيار جي آفيسن جون سهولتون، انڪيوبيشن ۽ تحقيقي مرڪز، جديد انفارميشن اينڊ ڪميونيڪيشن ٽيڪنالاجي، انفراسٽرڪچر ۽ ٽيئر ٿري ڊيٽا سينٽر سانت يار اهو منصوبو ٽيڪنالاجي جي شعبي سان واڳيل ڪاروباري ادارن ۽ نوجوانن کي جديد سهولتون فراهم ڪندو. منصوبي جي تڪميل سان اسٽارٽ اپس کي پنهنجي ڪاروبار کي سگهه ڏيڻ، تحقيق ڪندڙن کي جديد ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ ڪم ڪرڻ ۽ نوجوانن کي آءِ ٽي جون مهارتون شامل ڪرڻ جا موقعا ميسر ٿيندا. ان کان علاوه جديد ڊجيٽل انفراسٽرڪچر عالمي ٽيڪنالاجي ڪمپنين جي سيڙپڪاري جي حوصلا افزائي ۽ پاڪستان جي آءِ ٽي شعبي جي عالمي مارڪيٽن تائين رسائي وڌائڻ ۾ مدد ڏئي سگهي ٿو. دانش آءِ ٽي پارڪ ۾ اٽڪل 7500 سڌي ريت روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ جي صلاحيت موجود آهي جنهن سان هنرمند نوجوانن لاءِ روزگار جا نوان امڪان پيد اٿيندا ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ معاشي سرگرمين کي هٿي ملڻ جي اميد آهي. دانش آءِ ٽي پارڪ جو قيام پاڪستان جي ڊجيٽل مستقبل ۾ سيڙپڪاري، نوجوانن جي فني صلاحيتن مان فائدو کڻڻ ۽ ٽيڪنالاجي تي ٻڌل پائيدار معاشي ترقي کي هٿي وٺائڻ طرف هڪ اهم اڳڀرائي آهي.











