اسلام آباد-21 آڪٽوبر(اي پي پي) انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وزارت جي ماتحت سائبر ايمر جنسي ريسپالس جو قومي ادارو (پي ڪي سرٽ) جي اهتمام هيٺ سگهه ۾ اضافي لاءِ هڪ خصوصي آن لائن سيمينار منعقد ڪيو پيو وڃي. ان سيمينار ۾ مصنوعي ذهانت، خودڪار نطام ۽ ڊجيٽل خطرن جي لڳاتار انتظام جهڙن جديد موضوعن تي تفصيلي غور ڪيو ويندو. اها آن لائن ويهڪ 27 آڪٽوبر تي شام جو …
سائبر ايمر جنسي ريسپالس جي قومي اداري پاران مصنوعي ذهانت ۽ جديد سيڪيورٽي تي خصوصي آن لائن سيمينار 27 آڪٽوبر تي منعقد ٿيندو

مزید خبریں
اسلام آباد-21 آڪٽوبر(اي پي پي) انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وزارت جي ماتحت سائبر ايمر جنسي ريسپالس جو قومي ادارو (پي ڪي سرٽ) جي اهتمام هيٺ سگهه ۾ اضافي لاءِ هڪ خصوصي آن لائن سيمينار منعقد ڪيو پيو وڃي. ان سيمينار ۾ مصنوعي ذهانت، خودڪار نطام ۽ ڊجيٽل خطرن جي لڳاتار انتظام جهڙن جديد موضوعن تي تفصيلي غور ڪيو ويندو. اها آن لائن ويهڪ 27 آڪٽوبر تي شام جو 7 کان 8 بجي تائين هوندي. سيمينار جو بنيادي مقصد اهو واضح ڪرڻ آهي ته ڪهڙي طرح حملو ڪندڙ جديد دور ۾ سيڪيورٽي ٽوڙڻ جا نوان طريقا اختيار ڪري رهيا آهن، خود ڪار سسٽمز ان سلسلي ۾ ڇا ڪردار ادا ڪري رهيو آهي ۽ ان ميدان ۾ مصنوعي ذهانت جون ڪهڙيون حدون ۽ خاميون آهن. ان تربيتي سيشن جو اهم مقرر مشهور پاڪستاني سائبر محقق ۽ ريڊ سيڪ ليبز جو باني رافع بلوچ هوندو. رافع بلوچ پاران سمارٽ فون نظام ۾ سيڪيورٽي جي وڏي خامي ڳولهڻ کان پوءِ عالمي سطح تي نمايان پذيرائي ملي هئي جڏهن ته هو عالمي فورمز تي خطاب ڪرڻ کان علاوه پاڪستان حڪومت کان قومي اعزاز پرائيڊ آف پاڪستان به حاصل ڪري چڪو آهي. اختيارين موجب ڊجيٽل سيڪيورٽي جي ماهرن استادن ۽ شاگردن لاءِ اهو پروگرام نهايت اهميت رکي ٿو. ان ۾ شرڪت لاءِ باضابطه داخلا جو عمل شروع ڪيو ويو آهي جنهن جا تفصيل اداري جي سرڪاري ويب سائيٽ تي دستياب آهن.











