اين سي سي آءِ اي پاران راولپنڊي ۾ ڪارروائي، عورت کي بليڪ ميل ۽ هراسان ڪندڙ جوابدار گرفتار

اسلام آباد - 21 آڪٽوبر (اي پي پي) نيشنل سائبر ڪرائيم انويسٽيگيشن ايجنسي(اين سي سي آءِ اي) اسلام آباد، راولپنڊي ۾ ڪارروائي ڪندي هڪ عورت کي بليڪ ميل ۽ هراسان ڪرڻ جي الزام ۾ ملوث جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو آهي. اختيارين مطابق جوابدار مبينه طور مدعيه جون ذاتي ۽ نجي تصويرون واٽس ايپ ذريعي سندس خاندان کي موڪلي کين بليڪ ميل ۽ ذهني اذيت جو نشانو بڻائي رهيو هو. …

اسلام آباد – 21 آڪٽوبر (اي پي پي) نيشنل سائبر ڪرائيم انويسٽيگيشن ايجنسي(اين سي سي آءِ اي) اسلام آباد، راولپنڊي ۾ ڪارروائي ڪندي هڪ عورت کي بليڪ ميل ۽ هراسان ڪرڻ جي الزام ۾ ملوث جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو آهي. اختيارين مطابق جوابدار مبينه طور مدعيه جون ذاتي ۽ نجي تصويرون واٽس ايپ ذريعي سندس خاندان کي موڪلي کين بليڪ ميل ۽ ذهني اذيت جو نشانو بڻائي رهيو هو. متاثر عورت پاران داخل ڪرايل شڪايت تي ڪارروائي ڪندي جاچ ٽيم جوابدار کي راولپنڊي جي حدن مان گرفتاري ڪري اليڪٽرانڪ ڪرائميز جي روڪٿام واري قانون (پيڪا 2016) جي قلم 16، 20 ۽ 24 تحت پاڪستان پينل ڪوڊ جي قلم 34 ۽ 109 تحت باضابطا ايف آءِ آر داخل ڪري ورتي آهي. واقعي جي مختلف رخن ۽ نيٽ ورڪ جي جاچ پڙتال لاءِ وڌيڪ جاچ جاري آهي.