واشنگٽن - 21 آڪٽوبر (اي پي پي) آمريڪي اخبار وال اسٽريٽ جرنل پنهنجي رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو آهي، ته يوڪرين لاءِ اسٽار شيلڊ خدمتون محدود ڪرڻ جا حڪم ايلون مسڪ ڏنا هئا. پرڏيهي ميڊيا موجب وال اسٽريٽ جرنل رپورٽ ڪيو آهي ته ايلون مسڪ يوڪرين لاءِ اسٽار شيلڊ خدمتون محدود ڪرڻ جا حڪم ڏنا ان کان اڳ ايلون مسڪ چيو هو ته اسپيس ايڪس جي انتظام هيٺ مواصلاتي نظام تي …
يوڪرين لاءِ اسٽار شيلڊ سروسز محدود ڪرڻ جا حڪم ايلون مسڪ ڏنا: وال اسٽريٽ جرنل جو انڪشاف

مزید خبریں
واشنگٽن – 21 آڪٽوبر (اي پي پي) آمريڪي اخبار وال اسٽريٽ جرنل پنهنجي رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو آهي، ته يوڪرين لاءِ اسٽار شيلڊ خدمتون محدود ڪرڻ جا حڪم ايلون مسڪ ڏنا هئا. پرڏيهي ميڊيا موجب وال اسٽريٽ جرنل رپورٽ ڪيو آهي ته ايلون مسڪ يوڪرين لاءِ اسٽار شيلڊ خدمتون محدود ڪرڻ جا حڪم ڏنا ان کان اڳ ايلون مسڪ چيو هو ته اسپيس ايڪس جي انتظام هيٺ مواصلاتي نظام تي ڪنهن به قسم جي پابندي جو فيصلو آخرڪار آمريڪي صدر پاران ئي ڪرڻو هو. جرنل نالو ظاهر نه ڪندڙ آمريڪي عملدار ۽ معاملي کان واقف ماڻهو جي حوالي سان ٻڌايو ته ايلون مسڪ يوڪرين جي اوزارن جي ان نظام سان ڳنڍيل هئڻ جي رفتار محدود ڪري ڇڏي هئي جنهن جي نتيجي ۾ يوڪرين جا ڪجهه ڊرونز غير موثر ٿيا. ان کان اڳ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو هو ته هن اسٽار شيلڊ تي ڪنهن به قسم جي پابندي لاڳو ڪرڻ جي درخواست ناهي ڪئي. ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته اهو مان نه ڪيو ۽ منهنجو خيال آهي ته ايلون مسڪ به ايئن ناهي ڪيو، ياد رهي ته يوڪرين گذريل هفتي ان سروس تي پابندين جا اطلاع ڏنا هئا، جنهن کي هو روس تي حملي جو مقابلو ڪرڻ لاءِ انتهائي اهم سمجهندو آهي. اها اڳڀرائي ڊونلڊ ٽرمپ پاران يوڪرين تي تنقيد ۽ روس جي آئل ريفائنرين کي نشانو بڻائڻ جون ڪارروائيون روڪڻ واري مطالبي جي ڪجهه ئي عرصي بعد سامهون آئي.











