مالديپ جي صدر ڊاڪٽر محمد معيزو جو وزيراعظم هائوس پهچڻ تي شاندار استقبال

اسلام آباد-21 آڪٽوبر (اي پي پي) مالديپ جي صدر ڊاڪٽر محمد معيزو جو وزيراعظم هائوس پهچڻ تي شاندار استقبال ڪيو ويو ۽ کيس گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو. اربع ڏينهن پاڪستان جي دوري تي آيل مالديپ جي صدر ڊاڪٽر محمد معيزو جي اعزاز ۾ وزيراعظم هائوس ۾ هڪ باضابطه آجياڻي جي تقريب منعقد ڪئي وئي. تقريب وزيراعظم هائوس ۾ منعقد ٿي، وزيراعظم هائوس پهچڻ تي وزيراعظم محمد شهباز شريف …

اسلام آباد-21 آڪٽوبر (اي پي پي) مالديپ جي صدر ڊاڪٽر محمد معيزو جو وزيراعظم هائوس پهچڻ تي شاندار استقبال ڪيو ويو ۽ کيس گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو. اربع ڏينهن پاڪستان جي دوري تي آيل مالديپ جي صدر ڊاڪٽر محمد معيزو جي اعزاز ۾ وزيراعظم هائوس ۾ هڪ باضابطه آجياڻي جي تقريب منعقد ڪئي وئي. تقريب وزيراعظم هائوس ۾ منعقد ٿي، وزيراعظم هائوس پهچڻ تي وزيراعظم محمد شهباز شريف معزز مهمان جو گرمجوشي سان استقبال ڪيو. ٻنهي اڳواڻن هٿ ملايا ۽ خوشگوار جُملن جي ڏي وٺ ڪئي. ان موقعي تي ٻنهي ملڪن جا قومي ترانا وڄايا ويا. ٽنهي هٿياربند فوجن جي دستن مالديپ جي صدر کي سلامي ڏني ۽ گارڊ آف آنر پيش ڪيو. سلامي جي چبُوتري تي مالديپ جي صدر سان وزيراعظم شهباز شريف به موجود هو. مالديپ جي صدر گارڊ آف آنر جو معائنو پڻ ڪيو. وزيراعظم شهباز شريف ڪابينا جي ميمبرن ۽ وزيراعظم هائوس جي اعليٰ عملدارن جو مالديپ جي صدر سان تعارف ڪرايو. مالديپ جي صدر ان موقعي تي پنهنجي وفد جو وزيراعظم سان تعارف ڪرايو. مالديپ جي صدر وزيراعظم هائوس جي باغيچي ۾ ٻوٽو لڳايو ۽ ٻنهي ملڪن جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ دعائون گهريون ويون.