نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي مالديپ جي صدر ڊاڪٽر محمد معيزو سان ملاقات

اسلام آباد-21 آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار اربع ڏينهن اسلام آباد ۾ مالديپ جي صدر ڊاڪٽر محمد معيزو سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري ڪيل بيان موجب، نائب وزيراعظم صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم محمد شهباز شريف پاران صدر ڊاڪٽر محمد معيزو کي گرمجوشي سان سلام ۽ نيڪ خواهشُون پهچايون. هن صدر ۽ سندس وفد جو پاڪستان ۾ …

اسلام آباد-21 آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار اربع ڏينهن اسلام آباد ۾ مالديپ جي صدر ڊاڪٽر محمد معيزو سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري ڪيل بيان موجب، نائب وزيراعظم صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم محمد شهباز شريف پاران صدر ڊاڪٽر محمد معيزو کي گرمجوشي سان سلام ۽ نيڪ خواهشُون پهچايون. هن صدر ۽ سندس وفد جو پاڪستان ۾ گرمجوشي سان استقبال ڪيو. مالديپ سان پاڪستان جي پُراڻن ڀائراڻن لاڳاپن جي عزم کي ورجائيندي پرڏيهي وزير اسحاق ڊار واپار، سيڙپڪاري، تعليم، موسمياتي تبديلي ۽ سياحت جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌائڻ تي زور ڏنو. نائب وزيراعظم مالديپ-پاڪستان بزنس فورم ۾ مالديپ جي ڪاروباري وفد جي شرڪت جي آجيان ڪئي ۽ اميد ظاهر ڪئي ته واپاري ملاقاتن سان ٺوس واپاري ۽ سيڙپڪاري جا موقعا پيدا ٿيندا. صدر ڊاڪٽر محمد معيزو سندس ۽ سندس وفد جي گرمجوشي سان استقبال ۽ مهمان نوازي کي ساراهيو. هن پاڪستان سان پنهنجي ويجهن لاڳاپن کي گهرو ڪرڻ ۽ گڏيل لاڀائتي تعاون جا نوان رستا ڳولڻ جي مالديپ جي خواهش جو اظهار ڪيو.