صدر آصف علي زرداري سان آءِ ايم ايف جي وچ اوڀر ۽ وچ ايشيا جي ڊائريڪٽر جهاد ازعور جي ملاقات، معاشي سڌارن ۽ مالياتي پائيداري جي عزم جو ورجاءُ

اسلام آباد - 20 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته پاڪستان جامع ۽ ماحول دوست ترقي کي يقيني بڻائيندي مالياتي پائيداري، توانائي جي شعبي ۾ سڌارن، نجڪاري ۽ سماجي تحفظ جي لاءِ پُرعزم آهي. اڱاري ڏينهن ايوان صدر جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار ايوان صدر ۾ عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) جي وچ اوڀر ۽ وچ ايشيا …

اسلام آباد – 20 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته پاڪستان جامع ۽ ماحول دوست ترقي کي يقيني بڻائيندي مالياتي پائيداري، توانائي جي شعبي ۾ سڌارن، نجڪاري ۽ سماجي تحفظ جي لاءِ پُرعزم آهي. اڱاري ڏينهن ايوان صدر جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار ايوان صدر ۾ عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) جي وچ اوڀر ۽ وچ ايشيا جي شعبي جي ڊائريڪٽر جهاد ازعور سان ملاقات دوران ڪيو. آءِ ايم ايف جي وفد ۾ پاڪستان جي لاءِ آءِ ايم ايف جي مشن چيف ايوا پيٽرووا ۽ پاڪستان ۾ آءِ ايم ايف جي ريزيڊيٽ نمائندي (ڪنٽري هيڊ) ماهر بنيڪي پڻ شامل هئا. صدر پاڪستان جي سڌاراجاتي ايجنڊا جي حمايت ۾ آءِ ايم ايف جي مسلسل تعاون کي ساراهيو. هن توسيعي فنڊ سهولت (اي ايف ايف) ۽ ريزيلينس اينڊ سسٽين ايبلٽي سهولت (آر ايس ايف) تحت سڌارن تي عملدرآمد جي لاءِ پاڪستان جي ڪوششن تي آءِ ايم ايف جي قيادت جي اعتماد کي پڻ ساراهيو. اي ايف ايف جي چوٿين جائزي ۽ آر ايس ايف جي ٽئين جائزي جي ڪامياب تڪميل ۽ اسٽاف ليول معاهد جو حوالو ڏيندي صدر پاڪستان جي معاشي بحالي ۽  استحڪام طرف مسلسل اڳڀرائي تي اعتماد جو اظهار ڪيو. صدر آصف علي زرداري چيو ته پاڪستان معاشي استحڪام جي مرحلي مان نڪري بحالي طرف وڌي چڪو آهي، مالي سال 2026ع ۾ ملڪي معيشت جو ڪاٿو 452.1 ارب ڊالر تائين پهچي ويو جڏهن ته حقيقي مجموعي ملڪي پيداوار (جي ڊي پي) جي واڌويجهه جي شرح مالي سال 2025ع ۾ 3.2 سيڪڙو جي مقابلي ۾ وڌي 3.7 سيڪڙو ٿي وئي. هن مالياتي نظم ۽ ضبط ۾ بهتري کي پڻ اجاگر ڪيو ۽ ٻڌايو ته مالي 26 – 2025ع ۾ مالياتي خسارو گهٽ ٿي جي ڊي پي جي 2.6 سيڪڙو تائين اچي ويو جڏهن ته مالي سال 2026ع ۾ مسلسل ٽئين سال بنيادي مالياتي سرپلس حاصل ڪيو ويو. صدر وسيع تر معاشي سڌاراجاتي ايجنڊا تحت اوڳاڙين ۾ اضافي، ٽيڪس انتظامي نظام کي بهتر بڻائڻ ۽ سرڪاري شعبي جي ادارن ۾ سڌارن جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن ٽيڪس نظام کي دستاويزي شڪل ڏيڻ، اوڳاڙين جي وصولي کي ڊيجيٽل بڻائڻ ۽ ٽيڪس چوري جي روڪٿام جي لاءِ حڪومتي قدمن کي پڻ اجاگر ڪيو. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته پاڪستان جي سڌاراجاتي پروگرام کي سمورين سياسي ڌرين جي حمايت حاصل آهي جڏهن ته صوبائي حڪومتون به سڌاراجاتي واعدن ۽ مقرر هدفن جي تڪميل ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيون آهن. صدر وچ اوڀر ۾ جاري تڪرار جي دوران امن جي فروغ جي لاءِ پاڪستان جي ڪوششن کي پڻ اجاگر ڪيو. جهاد ازعور جاري سڌاراجاتي پروگرام تحت آءِ ايم ايف سان پاڪستان جي مسلسل تعاون کي ساراهيو. هن ميڪرو اڪنامڪ استحڪام کي مضبوط بڻائڻ، مالياتي نظم ۽ ضبط برقرار رکڻ ۽ پائيدار معاشي ترقي جي فروغ جي لاءِ سڌاراجاتي ڪوششن کي جاري رکڻ جي اهميت تي زور ڀريو. ملاقات ۾ ناڻي ۽ اوڳاڙين وارو وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب، سينيٽر شيري رحمان، سينيٽر سليم مانڊوي والا، اڳوڻو وفاقي وزير ۽ قومي اسيمبلي ميمبر سيد نويد قمر ۽ ناڻي وارو سيڪريٽري پڻ موجود هئا.